سنڌ ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بندش سبب قيامت برپا ٿي وئي آهي: فهميده مرزا

0
214
سنڌ ۾ پاڻي ۽ بجلي جي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بحران تي بحث دوران سنڌ جو پاڻي چوري ٿيڻ خلاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

 جي ڊي اي ايم ايم اين ايز ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بندش سبب قيامت برپا ٿي وئي آهي، ماڻهو مهانگائي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن

ھن چيو تھ حڪمرانن پنهنجي دعوائن اُبتڙ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيو، جي ڊي اي ايم اين ايز پيٽرول ڪارڊ واپس ڪري ڇڏيو آهي، اُميد ته وزير پيٽرول ڪارڊ واپس ڪندا، هو پاڻ پيٽرول جو خرچ ڀري سگهن ٿا

ايم اين اي نور عالم خان چيو ته هو گاڏي ۾ پنهنجي خرچ تي پيٽرول ڀرائيندو آهي، ڪاش جلسن هيليڪاپٽر تي چڙهي جلسن ۾ ويندڙ ليڊرز کي به احساس ٿئي، ٻٽاڪون هڻندڙ مفتاح اسماعيل اسيمبلي ۾ ڇو نٿو اچي، آءِ ايم ايف سان ڪو نئون معاهدو ٿيو آهي ته پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي