نيب سکر پاران 6 ڪروڙ کان وڌيڪ جو چيڪ سنڌ حڪومت حوالي

0
420
پرڏيھي فنڊنگ ڪيس: ايف آءِ اي

سکر(ن پ ا) نيب سکر 6 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جو چيڪ سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو، نيب سکر پاران مختلف ڪيسن ۾ پلي بارگين ذريعي وصول ٿيل 6 ڪروڙ 21 لک 10 هزار 888 رُپين جو چيڪ سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڊائريڪٽر جنرل نيب سکر مرزا محمد عرفان ڄاڻايل رقم جو هڪ چيڪ سنڌ حڪومت جي ناڻي کاتي جي نمائندي حوالي ڪيو، اها رقم خوراڪ کاتي، لوڪل گورنمنٽ ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتن بابت مختلف ڪيسن ۾ پلي بارگين ذريعي وصول ڪئي وئي.