ٽي ايل پي مظاهرن بعد فرانس پاران پنهنجي شهرين کي پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت

0
501

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ فرانسيسي سفارتخاني پاڪستان ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. سفارتخاني جي ترجمان پرڏيهي خابرو اداري کي تصديق ڪئي ته پاڪستان ۾ رهندڙ فرانسيسي شهرين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هلندڙ صورتحال جي ڪري کين خطرو ٿي سگهي ٿو. فرانس جي خابرو ايجنسي اي ايف پي مطابق، سفارتخاني پنهنجن شهرين کي ”سنگين خطرن“ جي ڪري ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مذهبي تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران فرانس مخالف احتجاج ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. فرانسيسي سفارتخاني جي هڪ ترجمان وضاحت ڪئي ته اها صلاح صرف هڪ تجويز آهي ۽ فرانس جا شهري ان تي عمل ڪرڻ جا پابند نه آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته سفارتخانو ان عرصي دوران بند نه ٿيندو ۽ ڪم هميشه وانگر جاري رهندو پر ڊيوٽي تي عملي جي تعداد ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي.