ڪراچي:  سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران نيب جو ملازمن بابت رڪارڊ طلب ڪرڻ وارو عمل هزارين الن جي تاريخ کي چيلينج قرار ڏيندي مزاحمت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۽ نيب سڀ چور پڪڙي ڇڏيا؟ ملڪ ۾ ڦرلٽ جا ذميوار وائکا ڪري ڇڏيا؟ ۽ هاڻي اچي سنڌ تي يلغار ڪئي اٿئون، هن چيو ته نيب صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪري سنڌ تي بدترين حملو ڪيو آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هڪ پاسي سنڌ جَي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن تان تڙي ڪڍيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي ڌارين تي نوازش ڪئي پئي وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو ٽائيم نيوز جي خاص ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت کي جَن معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي، اُن تي خاموش آهي، جتي کين مداخلت جو اختيار ناهي، اُتي مداخلت ٿي ڪري، نيب سنڌ جَي هزارين سالن جي تاريخ کي چئلينج پيو ڪري، آئين ۽ قانون صوبائي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ئي نه ٿا ڏين. هن وڌيڪ چيو ته نيب جو ملازمن بابت رڪارڊ گهرڻ آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي، جنهن جي هر فورم تي مذمت ۽ مزاحمت ڪنداسين.