ڪراچي: وفاقي حڪومت پاران ٻهراڙين جي ڊوميسائيل تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقررين واري معاملي تي اعتراض وارڻ ۽ نيب کي جاچ ڪرڻ جون هدايتون ڏيڻ بعد صوبي جي بيوروڪريسي ۾ سخت ڪاوڙ ڇانيل آهي. سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن ۾ ٻهراڙين جو ڊوميسائيل رکندڙ نه رڳو هيٺين گريڊ جي ننڍن ملازمن پر 17هين کان 22هين گريڊ جي اهم انتظامي پوسٽن تي به ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ ڪامورن جي اڪثريت آهي. ڪامورن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي بيوروڪريسي سان گڏ ننڍن ملازمن کي به برداشت نه پئي ڪري. ڪامورن ٻڌايو آهي ته نيب جو اهو اختيار ئي ناهي ته هُو اهڙي معاملن جي جاچ ڪري. نيب انوکي جاچ شروع ڪئي آهي جنهن تي حيرت ٿي آهي.