نياگرا آبشارَ؛ دنيا جي هني مون ماڳ سان سلهاڙيل يادون

0
202
خودڪشي ۽ ڪرپشن جو سبب بڻيل سرڪاري ڪامورا

پھاڙن جي اوچائي تان عمودي يا اُڀي منھن وھندڙ پاڻيءَ جي وھڪري کي آبشار چيو ويندو آھي، پھاڙن تان لھندڙ اھڙي وھڪري جو ھڪ ڪارڻ اھو به آھي ته جڏھن برفاني جبلن جي ھيٺاھين سطح تي موجود برف پگھرجڻ شروع ڪندي آھي ته اھا پاڻي ٿي اتي موجود جدول نما برفاني ڇپن کي به پاڻي ڪري ڇڏيندي آھي، جيڪو پاڻي خوبصورت آبشارن جي صورت ۾ پڻ وھندو آھي. ڌرتيءَ تي قدرت جي حسين نظارن مان خوبصورت ۽ وڻندڙ اھڙا فطري آبشار به پنھنجو مٽ پاڻ آھن.

                 دنيا ۾ ھونئن ته ڪيترائي دلڪش آبشار موجود آھن پر ڪيناڊا جي صوبي اونٽاريو جي وڏي شھر ٽورانٽو کان 121 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف ۽ آمريڪي رياست نيويارڪ جي ٻئين نمبر وڏي شھر بفالو کان اتر اوڀر طرف  27 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ٻنھي ملڪن جي سرحد تي  قائم جاڙا شھر نياگرا فال ۾ نياگرا نديءَ تي نياگرا آبشارَ واقع آھن.

                 ھڪ سياحتي اداري موجب اڄ کان 18000 سال اول برفاني دؤر ۾ ڏکڻ اونٽاريو علائقو 2 کان 3 ھزار ميٽر گھري برف جي ڇپن سان ڍڪيل ھوندو ھو، جيڪو 12000 سال اول گرمي سبب ڳرڻ لڳو، اھڙي ميلٽنگ کانپوءِ پاڻيءَ جو وھڪرو نياگرا ۽ سينٽ لارينس ندي، اونٽاريو ۽ ايري ڍنڍ جي قيام جو وسيلو پڻ بڻيو.

مقامي عجائب گھر جي معلومات مطابق مغرب سميت دنيا کي نياگرا جو دڳ ڏيکارڻ وارو سهرو بنيادي طور فرينچ چرچ سان تعلق رکندڙ بيلجيئن پادري فادر لوئيس ھنئيپن ڏانھن وڃي ٿو، جنھن 1677ع ۾ سياحت کانپوءِ واپس يورپ پھچي خوبصورت آبشارن کي ھڪ ڪتاب “نيو ڊسڪوري آف اَ واسٽ ڪنٽري ان آمريڪا” ۾ ذڪر ھيٺ آندو، اھو تحقيقي ڪتاب 1698ع ۾ شايع ٿيو ھو. ان کان اڳ آبشارن جي خبر صرف پرڳڻي جي ماڻھن کي ئي ھئي. لوئيس کان بعد ڪيترن ئي سماجي ۽ فطري سائنس سان وابسته ماڻھن ھن ماڳ کي تحقيق ڪري مشھوري ڏياري ۽ 19هين صديءَ تائين ھي ماڳ دنيا ۾ مشھور ترين ٿي ويو، جتي خاص طور سرنديءَ وارا ماڻھو ھني مون ملهائڻ لاءِ اچڻ لڳا ۽ ڪرتب باز ڪرتب ڏيکارڻ پڻ ايندا ھئا.

ايتريقدر جو نيپولين جو ننڍو ڀاءُ جيرومي بوناپارٽ به 1804 عيسوي ۾ پنھنجي آمريڪي زال ايلزبيٿ پيٽرسن سان ھتي اچي ھني مون ملهايو ھو، اھو ئي سبب آھي جو نياگرا آبشارن کي دنيا جو ھني مون ماڳ به چيو ويندو آھي.

نياگرا ندي 56 ڪلوميٽر طويل آھي، آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ٽن ڍنڍن مشيگين، ھورون ۽ سپيريئر جو پاڻي ايري ڍنڍ ۾ اچي ڪِرندو آھي، جيڪو پاڻي وري 56 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪندي اونٽاريو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، ايري کان اونٽاريو تائين جي وھڪري کي نياگرا ندي چئبو آھي.

ايري ڍنڍي مان نڪرڻ کانپوءِ نياگرا درياءُ وچ ۾ گرينڊ آئلينڊ نالي ھڪ جزيرو اچڻ جي ڪري ٻن حصن ۾ تقسيم ٿئي ٿو، گرينڊ آئلينڊ کانپوءِ ھي درياءَ وري موجن ۾ اچي ۽ اڳتي ھلي آبشارن جي صورت ۾ وھڻ لڳي ٿو، جن کي دنيا نياگرا واٽر  فالز سان سڃاڻي ٿي. آبشارن کانپوءِ ئي دريائي وھڪرو اونٽاريو ڍنڍ ۾ وڃي ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندو آھي.

نياگرا فالز دراصل ٽن آبشارن تي مشتمل آھن، جنھن مان سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ھارس شُو آبشار آھي، جيڪو ڪينيڊا جي حصي ۾ اچي ٿو، جنھن جي اوچائي تقريبن 170 فوٽ ۽ ويڪر 2500 فوٽ آھي، نياگرا جا بقايا ٻه آبشار آمريڪي حصي ۾ اچن ٿا، جنھن مان ھڪ آمريڪن آبشار جنھن جي اوچائي 180 فوٽ ۽ ويڪر 1100 فوٽ آھي ۽ ٻيو تمام ننڍو آبشار برائيڊل ويل به آمريڪن آبشار سان ٿوري وٿيءَ تي گڏ آھي.

مقامي اختيارين جو چوڻ آھي ته “نياگرا جي ٽنھي آبشارن مان تقريبن ھڪ سيڪنڊ ۾ 3160 ٽن ۽ ھڪ منٽ ۾ ٻه لک ٽن پاڻي ھيٺ ڪِري ٿو. تيز سردين ۾ اھو تعداد اڌ کان به گھٽ ٿيو وڃي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته ھي آبشار ڄمي برف ٿي ويندو آھي، جيئن 2017ع کانپوءِ وري فيبروري 2021ع ۾ ڪاٽو 18 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد سبب آبشاري وھڪرن وٽ برفاني تھ ڄمي پيا ھئا پر تڏھن بہ معمولي وھڪرو جاري ھو جو ڄميل تھ ڪو ٺوٺ نه ھئا، اھڙو نظارو ڏسڻ لاءِ به سياحن جا ائين ھجوم مڙيو اچن ٿا جيئن 19ھين صديءَ ۾ آمريڪا ڪينيڊا کي ملائيندڙ دي آئيس برج تي سياح ساڳيو لقاءُ ڏسڻ ايندا ھئا. تاريخ ۾ صرف ھڪ دفعو ئي ھنن آبشارن جو وھڪرو 29 مارچ 1848ع تي بند ٿي ويو ھو جو  تيز ٿڌ سبب ايري ڍنڍ ۽ نياگرا نديءَ جو پاڻي مضبوط برف بڻجي چڪو ھو.

ناياگرا نه صرف سياحتي مقام آھي پر انھن آبشارن مان ٻنھي ملڪن جي سرڪار بجلي جي پيداوار پڻ ڪري ٿي، 19هين صدي جي آخر ۾ پھريون دفعو پن بجلي پيدا ڪرڻ جو پلانٽ لڳايو ويو، جيڪو وڌ ۾ وڌ 100 گز ڊائريڪٽ ڪرنٽ مهيا ڪري سگھيو. 1896ع ۾ مشھور سائنسدان نڪولا ٽيسلا الٽرنيٽگ ڪرنٽ جي مدد سان پري تائين بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو، 1961ع ۾ آمريڪا جي نيويارڪ اسٽيٽ اٿارٽي پھريون دفعو نياگرا پاور پلانٽ لڳايو، جنھن کان بعد ڪينيڊا جي اونٽاريو صوبي ۾ به آبشارن مان ٺھندڙ بجلي لاءِ ھڪ بجلي گھر قائم ڪيو ويو، ٻنھي ملڪن کي 2.4 ملين ڪلو واٽ بجلي ملي ٿي. نيويارڪ جي ڪجھ علائقن جي بجلي توڙي اونٽاريو صوبي جي 24 سيڪڙو بجلي نياگرا آبشارن جي ڪري ھلي ٿي، بجليءَ جي گھڻي پيداوار ڪرڻ لاءِ رات پھر ۾ نياگرا درياهه جو منھن آبشارن بجاءِ بجلي گھرن ڏانھن موڙيو ويندو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي رات جي رنگا رنگي روشنين ۾ نظر ايندڙ ٽئي آبشار آھستي وھندي نظر ايندا آھن ۽ اھم ڳالھ ته دنيا جو ويھ سيڪڙو تازو ۽ صاف پاڻي ھتي موجود پنج ڍنڍن ۾ ھوندو آھي، جيڪو انھن ئي آبشارن وٽ اچي ڪرندو آھي.

ھن ماڳ سان ڪجھ حيرت انگيز واقعا به سلھاڙيل آھن جيئن 30 جون 1859ع تي فرينچ ڪرتب باز موجوده رينبو پل وٽ ان زماني ۾ ٻنھي ملڪن جي وچ مان گذرندڙ نياگرا جي 340 ميٽر ويڪري وھڪري مٿان مضبوط رسي ٻڌي، ان مٿان گھميو، بعد ۾ پٺيءَ تي ماڻھو کڻي ۽ اکيون بند ڪري به رسي تي گھمي سرحد پار ڪئي.

24 آڪٽوبر 1901ع ۾ پنھنجي 63ھين سالگرھ تي آمريڪي اسڪول ٽيچر محترمه عيني ايڊسن نياگرا آبشارن ۾ ڊرم وسيلي جمپ ڏنو ۽ ھو خطرناڪ ڪرتب کانپوءِ بچي وئي. جون 2012 ۾ نشرياتي ميڊيا جي نظرن اڳيان آمريڪا جي خانداني ڪرتب باز نڪ ويلنڊا ٻنھي ملڪن جي سرحدن تي آبشارن جي تيز ڦوھارن ڀرسان ئي 550 ميٽرن جي ٻه انچ موٽي رسي ٻڌي ان تي سڄو مفاصلو ڪاميابيءَ سان طئي ڪري رڪارڊ قائم ڪيو.

ھر سال  ڪروڙين مقامي توڙي پرڏيھي سياح ھن حيرت انگيز ۽ دلفريب آبشارن کي ڏسڻ لاءِ پھچن ٿا، بفالو نيوز ۾ شايع ٿيل فيبروري 2020ع جي شماريات موجب 2019ع ۾ آمريڪي سرحد وٽان نياگرا ڏسڻ آيل سياحن جو تعداد 9.5 ملين کان مٿي ھو، جڏھن تہ ڪينيڊا واري نياگرا فال پھتل سياحن جو تعداد 4.4 ملين ھو. ھر سال ٻنھي ملڪن کي ھن سياحتي پرڳڻي وسيلي 400 ملين ڊالر جو روينيو حاصل ٿئي ٿو. مارلن منرو جي مشھور آمريڪي فلم نياگرا ۽ سپر مين ٽو به ھتي فلمبند ٿيل آھن.

نياگرا آبشارن جي ماڳ کي ٻنھي ملڪن يعني آمريڪا ۽ ڪيناڊا 400 ايڪڙ ايراضيءَ تي مشتمل ھڪ پارڪ جي حيثيت ۾ رکيو آھي،  آمريڪي سياح نياگرا فال اسٽيٽ پارڪ جڏھن ته ڪينيڊين سياح ساڳيو نظارو ڪوئين وڪٽوريا پارڪ مان ڏسندا آھن، جتي سياحن لاءِ مھانگا، وچولا ۽ سستا ھوٽل توڙي ريسٽ ھائوس ۽ ريسٽورنٽ به موجود آھن. آبشارن جو ويجھي کان لقاءُ ڏسڻ لاءِ مختلف قسمن جا بتيلا ۽ ٻيڙيون ھلن ٿيون، چيئر لفٽ به موجود آھن پر  سرسبز نياگرا، آبشارن جي اٿاھ سونھن ۽ ڍنڍن ندين جو ھوا ۾ منظر ڏسڻ لاءِ ھاڻ ته ھيلي ڪاپٽر وسيلي به سير ڪرايو وڃي ٿو. ھي علائقو ڪورونا وبا جي ڏينھن ۾ پھريون دفعو ويران نظر آيو پر ھاڻ وبا تي قابو پائڻ کانپوءِ رونقون بحال ٿيون آھن ۽ ھزارين سياح تاريخي ماڳ تي لطف اندوز ٿيڻ رسن ٿا.