ھولي- زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکندڙ تھوار

0
176
ھولي- زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکندڙ تھوار

هولي تهوار سان جڙيل ڏند ڪٿا: ست يُگ ۾ هرڻيه ڪشپ نالي هڪ شخص برهما جي گهور تپسيا ڪري هن هڪ ور حاصل ڪيو: ” نه رت مران، نه ڏينهن مران، نه اندر مران نه ٻاهر، نه مرد ماري نه عورت ۽ نه ئي ڪنهن هٿيار سان مران.” هاڻ ڌرتي تي ظلم ۽ رَتياچار ڪرڻ لڳو. پرهلاد نالي هن کي هڪ پٽ ۽ هولڪا نالي هڪ ڀيڻ هئي. هولڪا کي باهه ساڙيندي ڪونه هئي. پرهلاد پنهنجي پيءُ کي ڪوڙو چوڻ لڳو. پيء ُ ۽ پٽ جي دشمني وڌي وئي. هرڻيه ڪشپ پرهلاد کي زهر ڏنو، جبل کان هيٺ ڪيرايو، لوهه جي تپيل ٿنڀ ۾ ڀاڪر پارايون، ۽ آخرڪار، پنهنجي ڀيڻ هولڪا سان باهه جي ڀنڀٽ ۾ اُڇلايو، مگر پرهلاد پچي ٻاهر نڪتو، ۽ هولڪا سڙي مري ويئي. وشنو ڀڳوان نر شينهن جو اوتار ڌارڻ ڪري، چيچ جي ننهن کي تلوار جهڙو تکو ڪري هرڻيه ڪش کي چيري ماري ڇڏيو.”

                 هندو ڌرم ۽ مٿالاجي هڪ ٻي ۾ جڙيل آهن. سناتن ڌرم ۾ ملهايا ويندڙ تهوار يا ته موسمن سان منسوب آهن يا هندو مٿالاجي ۾ اخذ ڪيل آهن. ڪنهن به سماج جي طرِز زندگي ۾ وهم ۽ وسوسا تاريخي حالتن مطابق جنمندا ۽ اثر انداز ٿيندا رهيا آهن. ماڻهو جيئڻ دير سان سکندا آهن. جيسين جيئڻ سکن، تيسين انهن جي مٿي ۾ مِٿِ پئي مغز ۾ ارتقا ڪندي آهي.

هولڪا ۽ پرهلاد ڀڳت جي ڪٿا به هڪ ديومالائي قصو آهي، جنهن کي هولي تهوار جي ملهائڻ جو سبب ڄاڻايو ويو آهي. پرهلاد ۽ هرڻاڪشپ جو قصو وشنو پراڻ ۾ موجود آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هولڪا سڙي وڃي ۽ پرهلاد باھ مان بچي وڃي؟ جڏهن جهيڙو هرڻيه ڪشپ ۽ پهلاد جي وچ ۾ هو ته هولڪا ان جهيڙي جو ٻارڻ ڇو ڪئي وئي؟ اهو ذڪر غير عقلي آهي. ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ جتي مافوقالفطرت لقائن جو ذڪر آهي، اتي انهن ڪٿائن کي راجائن ۽ راڻين سان به ڳنڍيو ويو آهي، ۽ جيت به ان ڪلاس جي ڏيکاري وئي آهي. مها ديوتا ۽ ڀڳوان به گهڻو ڪري حڪمران ڪلاس جا آهن. بلڪل ايئن جيئن موجوده دور ۾ حڪمران ڪلاس ۽ مذهبي پنڊت هڪ ٻي کي ٿوڻي ۽ ٽيڪ ڏيو بيٺا هوندا آهن. مٿالاجي جو هڪ خاص دور تاريخ ۾ رهيو آهي. ۽ رياستي تعليمي نظام جي ڪري ماڻهو ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت جڪڙيل رهيو آهي. عقلي سوچ رکڻ ۽ سوال ڪرڻ فلسفي جون خصلتون آهي ۽ اهي خصلتون نصاب مان ئي خارج ٿيل آهن. ان ڪري عقلي انداز ۾ شين جو ڇيد ڪرڻ ۽ شڪ ڪرڻ کي ميڄالو نيڪالي مليل آهي.

هولي جو تهوار زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکي ٿو ۽ اهو سيڪيولر ثقافتي پسمنظر هن تهوار جو خوبصورت تعارف آهي. هي ڏڻ بهار جي موسم ۾ اچي ٿو، ۽ هڪ لحاظ کان هي موسمي تهوار به آهي. چيٽ جي ڦوٽهڙو ٿئي ٿو ۽ وڻن ٻوٽن ۾ گئونچ نسرن ٿا. واهوندن جي واهيرن ۾ هي بسنت رت هولي جهڙا رنگ روپ کڻي پورن ماسي جي ڏينهن ۾ ڦگڻ جي آجيان ڪندي آهي. هي اهي ڏينهن آهن، جڏهن ڪڻڪ، سرنهن ۽ سونف جي سرهاڻ سرهائي آڻيندي آهي. پوري سال ۾ هي مند سڳنڌ وتي ۽ دلربا هوندي آهي. هولي ڦڳڻ جي سهائي چوڏس تي ملهائجي ٿي. ميران ٻائي به اهڙي ئي رت جي رومانس محسوس ڪري ٿي، سندس شاعري ۾ موسم جي اثر جو فطري رنگ ملي ٿو. هن جي من ۾ سُرندي جون تارون سُر ڇيڙين ٿيون :

ڦاگڻ ڪي دن چار دي

هولي کيل منا ري

بڻ ڪرتال پکا وج باجي

انهي ري جهنڪاري

بڻ سُر راگ ڇتيون گائون

روم روم انگ سارزي

هولي کيل پيو گهر آوي سوئي

پياري پي پيار ري.

هولي ھڪ قديم تھذيب جو تسلسل ۽ روايت آهي ته ٻئي طرف برھمڻ ازم جي ثقافتي يلغار سبب منسوب نسل پرستاڻي روايت به آهي. علي عباس جلالپوري پنهنجي ڪتاب رسوم اقوام ۾ چوي ٿو: “هولي دراوڙن جو تهوار آهي.” دراوڙ سنڌو ماٿر جي سيڪيولر تهذيب جا اڏيندڙ آهن. موئن جي دڙي مان ناچڻي جي مورتي ملي آهي، هن سمبارا ايئن رقص ڪيو ٿي، جيئن اڄ دراوڙ هولي تي ڪن ٿا:

جب ڦاگن رنگ جهمڪتي هون، تب ديکھ بهارين هولي ڪي،

پريون ڪي رنگ ڌمڪتي هون، شيشي جام ڇلڪتي هون،

محبوب نشي ۾ جهڪتي هون، تب ديکھ بهارين هولي ڪي،

آ ڌمڪي عيش و طرب ڪيا ڪيا، جب حسن دکهايا هولي ني.

(نظير اڪبر آبادي)

روايتي زندگي ۾ تهوارن جو اچڻ هڪ لحاظ کان نواڻ ۽ تازگي جو احساس به آهي، پوءِ کڻي انهن تهوارن پويان تاريخ ۽ ڪٿا ڪهڙي به هجي. سناتن ڌرم جي نالي ڪافي تهوار ملهايا وڃن ٿا، حقيقت ۾ اهي ثقافتي تهوار به آهن، جيڪي مختلف موسمن سان به منسوب ٿيل آهن. ويساکي، رکڙيءَ، سانوڻ ٽيج ۽ هولي جهڙا تهوار ڌرم کان وڌ ثقافت جي وصف تي ٺهڪن ٿا. انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي سيڪيولر زندگي جا عڪس ۽ اولڙا نظر اچن ٿا، ڇو ته انهن ئي تهوارن جي جوهر ۾ رقص و موسيقي، گيت ۽ رنگ جي رومانس جهلڪي ٿي.

جيئن هولي بهار رت جو تهوار آهي، ايئن ئي سانوڻ ٽيج يا سرامڻ ٽيج سانوڻي جو تهوار آهي. ان ڏينهن نوجوان ناريون سانوڻ جي آجيان ڪندي وڻن جي لامن ۾ لوڏ ٻڌي لڏنديون آهن، ۽ پيئرن جي گهر تهوار ملهائيندي لوڪ گيت ڳائينديون آهن. سنڌ ماتا جي تمدن ۽ اتهاس ۾ هي ڏڻ روشن خيالي جي علامت آهي. هي رسمي ڏينهن عورت کي مهانتا ڏئي، ان جي آزادي جي پرمپرا ڪري پريمي يا پتي سان پريم جو سٻنڌ جوڙي ٿو. سانوڻ ٽيج گيت جي ترنم ۽ ڪيفيت ۾ پريم ۽ وڇوڙي جو آلاپ هوندو آهي.  اياز به جدائي جي درد تي لکي ٿو:

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

گج سوين تارڙا، واجھ وجهي وڄ ڙي!

ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

ڀُڄ مٿان بادلو، ڀيڄ ڀنيءَ وسجو!

پائر به پسجو!

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

ڪافي اهڙا تهوار آهن جن کي ڌرم جي غلاف ۾ ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انهن تهوارن ۾ صرف اهي رويا، قدر ۽ رجحان زندھ رهي پروان چڙهي سگهيا آهن، جن ۾ زندگي لاءِ ساھ ٻوساٽ بجاءِ نواڻ، آزادي، محبت ۽ خوبصورتي جي مڌرتا ڪر کڻي جُهومي سگهي. هولي به زندگيءَ سان ڀرپور تهوار آهي:

هوا جو آ ڪي نشان آشڪار هولي ڪا

بجا رباب سي مل ڪرستار هولي ڪا

سرود رقص هوا، بيشمار هولي ڪا،

هنسي خوشي ۾ بڙا ڪاروبار هولي ڪا،

زبان پي نام هوا بار بار هولي ڪا.

 (نظير اڪبر آبادي)

سانوڻ ٽيج جيان هولي کي بنيادي طرح ڌرمي تهوار طور ملهايو وڃي، پر هولي جي رنگن ۾ سيڪيولر سوچ جا اولڙا نمايان نظر اچن ٿا. هن ڏڻ جي عقيدي واري ڌرمي تشريح کي عقل جي تناظر ۾ به سمجهڻ گهرجي. اڄ جو عقل دوست انسان انهي ڳالھ کي نظر انداز ڪرڻ کان نابري واريندو ته رڳو پوڄا هجي، رنگ گلال، ناچ ۽ نغمو نه هجي:

نيڻن ۾ اُڏري پيو منظر هولي جو

منهجي چولي جو رنگ اُڏاڻو ٿو وڃي.

هولي ۾ رنگ ورشا ۾ نرتيه گير تجريدي مصوري جو اسڪيچ لڳي ٿي، ۽ دلڪشي جيون ۾ ڪر کڻي رنگن سان راند رمي ٿي، جيئن بلهي شاھ اظهاري ٿو:

ڦگن ڦولي کيت، جيون بن تن ڦول سنگار

هر ڊالي هل پتيان، گل ڦولن ڪي هار

هوري کيلن سيان گگن

ميري نين جهلارين وگن

اوکي جيون دي دِن تگن

سيني بان پريم دي لگن

هوري هوري.

هولي ۾ رنگن جي نغمگي ۽ مڌرتا جو احساس ٿئي ٿو. رقص ڪري ۽ رنگ هاري ماڻهو هڪ ٻي کي پنهنجو ڪن ٿا. ان حوالي سان هولي متڀيد، اوچ نيچ ۽ تعصب پرستي جي خلاف استعارو به آهي. لبن تي لڳل لِپ اِسٽڪ کان سُرمئي ڪجلين اکين تائين، ساڙهي ۽ چولي کان ويندي ٿر تي ٿوهر تائين هي سڀ رنگ هن سنسار جي سونهن آهن، جيڪي هن دنيا کي حقيقي طور تي سرڳ بنائن ٿا. رابندر ناٿ ٽئگور لکي ٿو:

When I bring to you colored toys, my child,

I understand why there is such a play of colors on clouds, on water,

and why flowers are painted in tints

—when I give colored toys to you, my child.

When I sing to make you dance

I truly know why there is music in leaves,

and why waves send their chorus of voices to the heart of the listening earth

—when I sing to make you dance.

(منهنجا ٻچا!

جڏهن مان تو لاءِ رنگين رانديڪا آڻيان ٿو،

تڏهن ٿو مون کي قدرت جو هي راز سمجھ ۾ اچي ته ايڏا رنگ ڇو چمڪن ٿا؟

ڪڪرن، پاڻي ۽ گلن تي مختلف رنگن جي چٽسالي ڇو آهي.

جڏهن مان تو کي رنگبرنگي رانديڪا ڏيان ٿو،

جڏهن مان تو کي جهومائڻ لاءِ جهونگاريان ٿو،

تڏهن ٿو مون کي پتو پوي ته پنن ۾ موسيقي ڇو هوندي آهي.

۽ ڇو لهرون  آواز جي ڌنن ۾ ڌرتي جي دل کي ڇهين ٿيون.)

رنگن جي انڊلٺ مان رقص جي عڪس اُڀري پوي ٿو، اهو ئي هولي ملهائڻ جو بهترين نمونو آهي. ائين، هولي جهڙا تهوار نه صرف زندگي جي يڪسانيت ۾ نواڻ آڻين ٿا، پر خوشيون ورهائڻ جو سبق به ڏين ٿا. خوشين کي خريد ڪري ۽ وڪڻي نٿو سگهجي. هڪ ٻي کي رنگ هارڻ جو مطلب زندگي جي خوشين ۾ ٻين کي شامل ڪرڻ آهي. ريت جي ان پريت ۾ هي قبوليت ۽ مڃتا آهي، جيڪا نسل پرستي ۽ فرقيواريت کي نندي ٿي. اهڙي طرح سماج جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهو کي نه صرف خوشين ۾ شريڪ ڪجي ٿو، پر پنهنجو به ڪجي ٿو.

هولي جا رنگ سٺي سوچ، امن ۽ آدرش جو سنگم آهن، رنگت جي رڌم ۾ آرٽ جهڙي جمالياتي خوشي محسوس ٿيندي آهي، اهو ئي ثقافتي اهڃاڻ آهي، جيڪو شدت پسندي سامهون ٿي انهي سوچ جي انتها کي ماٺو ڪري ٿو.

خوشي ۾ انسانيت جو احساس هجڻ ضروري آهي. جيئن ته هي ڏڻ خوشين جي سيليبريشن به آهي. ڇا اها مسرت پورهيت کي ميسر آهي؟ ڪجھ نئين انداز ۾ به سوچجي. جيئن ته اهي ڏينهن روايتي زندگي ۾ خوشيون آڻين ٿا. هن رجعتي دور ۾ جيئڻ لاءِ نواڻ به ضروري آهي. تهوارن جي ملهائجڻ ۾ به ماڻهو زندگي جي روزمره جي ڪم ڪار ۽ ڪارونهوار جي بوريت مان تازگي، فرصت ۽ نواڻ محسوس ڪري ٿو. هن سرمايه دارانه نظام تي بيٺل بدترين حڪمراني عوام کان خوشيون کسي ورتيون آهن.

اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ڪاروباري ڪلاس انهن تهوارن جي ڏينهن ۾ خوب ڪاروبار ڪري ٿو ۽ غريب طبقو معاشي تنگدستي سبب ڪنهن تهوار تي سيڌو سامان خريد ڪرڻ لاءِ به پريشان هجي ٿو. هولي تي هڪڙن جي گهرن ۾ سهسين طعام پچن ٿا، ته ڪي رُکي ماني تي گذارو ڪن ٿا. هڪڙا سون کي سندوُر هڻن ٿا، ٻيا اٽي لٽي جي پريشاني کانپوءِ پوجا پاٽ ڪن ٿا. هولي ۽ ڏياري جا ڏڻ هندو دڪاندار سيٺيي کيِ معاشي لُٽ مار لاءِ بهترين موقعو فراهم ڪندا آهن. هٽ- دماغ هندو سرمايه دار جو مظلوم دراوڙ سان رشتو محض گراهڪ وارو آهي, هُو مختلف شڪلين ۾ ان پرت جو استحصال ڪري ٿو. هندو ڪاروباري سيٺ وٽ ڪنهن به انسان جي اهميت ‘گراهڪ’ کان وڌ ٻي ڪابه ڪونهي. هولي تي معاشي طور سگهارا ماڻهو گهر سينگارين ٿا، جشن ڪن ٿا، ۽ طرحين طرحين جا کاڌا پچائين ٿا. انهن ڏينهن تي سرمائيدار خوب ڪاروبار ڪري ٿو. دڪاندار مهانگي اگھ ۾ شيون وڪڻي منافعو ڪمائين ٿا. اهو طبقو، جنهن وٽ هاري پورهيت جي باري ۾ سوچڻ لاءِ وقت ڪونهي، پر ان جي پورهيي جو استحصال ڪندو رهي ٿو.

مذهب ذريعي به وڏو ڪاروبار ٿئي ٿو.سرمائيدار طبقي تهوارن کي به ڪمرشلائيز ڪري ڇڏيو آهي. هولي تي هي بورجوا طبقو وڏو خرچ ڪري ٿو، جڏهن ته پورهيت انهي ڏينهن تي ماني ڳڀي لاءِ پريشان هجي ٿو. ان ڪري تهوار طبقاتي تضادن کي به واضح ڪن ٿا.

سنڌ ۾ جتي دراوڙ قبيلا زميندارن وٽ هارپو ڪن ٿا. وڏيرا انهن جي پورهيي ۽ پگهر تي پلجن ٿا. پيشگي عيوض غلام بڻيل انهن ماڻهن جي خوشين کي ڪيئن ونڊجي، جڏهن اهي هن نظام کان تنگ اچي خودڪشي جي آپشن تائين به پهچي وڃن ٿا.

سنڌ ۾ هولي ملهائيندڙ دراوڙ قبيلن کي سياسي ۽ سماجي طور پوئتي رکيو ويو آهي. خاص ڪري اَمرڪوٽ ۽ ٿرپاڪر ضلعن ۾ دراوڙن جو ووٽ هار ۽ جيت جو فيصلو ڪندو آهي. انهن ئي ضلعن ۾ دراوڙن جي حق تلفي ٿئي ٿي. اتي ئي انهن قبيلن جو معاشي استحصال ٿئي ٿو.

سانگهڙ، اَمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن ۾ هاري بدترين زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آهن. روز به روز خودڪشي ڪندڙ به اهي دراوڙ هاري آهن، جن تي ظلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا وڃن ٿا. ڪاروباري هندو ته ڪڏهن به هاري پورهيت سان گڏ ناهي بيٺو. سيٺيي جو مقصدِ حيات سرمايو گڏ ڪرڻ آهي، پر دراوڙن جا ‘اڳواڻ’ به وڏيرن جا غلام آهن، جيڪي حڪمران ڪلاس کي ٽيڪو ڏئي مفاد حاصل ڪن ٿا.

هڪ پورهيت جيڪو هولي تي به معاشي طور پريشان رهي ٿو، هن کي صرف اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته هن جي غربت ۽ بدحالي جو سبب ڪا به ديوي نه، پر هي پير، وڏيرو، سرمائيدار، جاگيردار، مجموعي طور هي پورو نظام آهي.

خوشين جو تعلق به معاشي طور بهتر زندگي ۾ آهي. ماڻهو جڏهن اٽو ۽ ڪپڙا نه خريد ڪري سگهي ته خوشين جي تهوارن ۾ مايوسين جو ڪفر ذهن جي تصورن ۾ ڪاھ ڪري ٿو. ڇو ته معاشي مسئلي جي حل کانسواءِ روحاني مسئلن جي اهميت ڪونهي.

[email protected]