پاڪستان ۾ جمھوريت جي ناڪاميءَ جا سببَ … فاروق حيدر

0
154

  آمريڪي صدر ابراھام لنڪن جو قول آھي ته جمھوريت اصل ۾ ماڻھن جي حڪومت آھي ۽ ماڻھن جي ڏک سُک لاءِ آھي، پر افسوس ٿا چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان ۾ جمھوريت عام ماڻھن جي اهنجن کي حل ڪرڻ بجاءِ وڏن ماڻھن کي نوازيو آھي. بينظير ڀٽو جي بقول ته  بدترين جمھوريت ھر قسم جي آمريت کان پوءِ به گھڻي بھتر آھي. ھڪ سٺي قسم جي حڪومت ھوندي به جمھوريت ماڻھن کي ڪجھ ڊليور ڪرڻ ۽ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي، ان جو سبب اھو آھي ته ھڪ ڪامياب جمھوري حڪومت لاءِ ڪجھ حالتون ھجڻ گهرجن جيڪي هن طرح آھن؛

ماڻھن جي پنھنجي حقن جي معاملي ۾ چوڪسي

                 ڪجھ ماڻھن جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ ڪنٽرولڊ جمھوريت آھي، ماڻھن جو اھو بيانيو ڪنھن حد تائين صحيح به آھي پر مڪمل طور صحيح نه آھي، جيڪڏھن مثال وٺجي پنھنجي پاڙيسري ملڪ ھندستان جو جتي جمھوريت تي انهن جي فوج طرفان ڪنهن به قسم جو ڪنٽرول نه آهي. ان جي باوجود به ھندستان ۾ جمھوريت ايترو ڪجھ نه ڏئي سگھي آھي، جيترو ڏکڻ ڪوريا ۾ ڏئي سگھي آھي، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اھو آھي ته ماڻھو چوڪس يا خبردار نه آھن، ماڻھو پنھنجي نمائندن کان برادريءَ، قوم ۽ مذھبي لڳاءُ جي ڪري پڇاڻو نه ڪندا آھن، ان کان سواءِ ماڻھن سان جيڪي زيادتيون ٿينديون آھن، ان جي لاءِ ھُو متحد نه ٿيندا آھن ۽ پرامن احتجاج به نه ڪندا آھن پر جيڪڏھن احتجاج ڪندا به آھن ته اھو به ٿورڙي دير لاءِ هوندو آهي ان کان پوءِ ڳالهه وساري ويھندا آهن . جمھوري حڪومت جي ڪاميابيءَ لاءِ ماڻھن جي مسلسل چوڪسي گھرجي ٿي.

تعليم جو عام ھجڻ:

اسان جي ملڪ ۾ جمھوريت جي وڏي ۾ وڏي گھٽتائي عام عوام ۾ تعليم جو گھٽ ھجڻ آھي، عوام کي تعليم اھڙي ملڻ گھرجي جنھن وسيلي ماڻھو صحيح  ۽ غلط ۾ فرق ڪري سگھن، سادن لفظن ۾ ھيئن چئجي ته اينالائٽيڪل  ھجڻ گھرجي. ان جي ابتڙ جيڪڏھن اسان وٽ تعليم آھي ته اھا اينالائٽيڪل نه آھي، اسان جو وڏي ۾ وڏو آفيسر مذھبي، علائقائي ۽ فرقيواريت جي تعصب کان بالاتر نه ٿي سگھيو آھي. فرسوده تعليم ھجڻ جو سبب به اھو آھي ته اسان وٽ رٽي بازي آهي . ان جو مثال ھئين پيش ڪجي ٿو  ته آءُ انڊيا جي ھڪ رھواسيءَ جو فيس بوڪ پيج ڏسي رھيو ھئم ، ان ۾ اھوماڻھو چئي رھيو ھو ته اسان جا سياستدان ڳئون رکشا کي ان ڪري سپورٽ ڪن ٿا ته مقبول ٿيڻ لاءِ ان ۾ گھڻي پئسي جي ضرورت ڪانھي. وڌيڪ ھُو چئي رھيو ھوته توھان کي عوام ۾ مقبول ٿيڻ لاءِ اسڪول، اسپتال ، روڊ تعمير ڪرڻا پوندا آھن، جنھن جي لاءِ پئسا گھرجن ۽ فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ قابليت گھرجي ٿي، جيڪا اسان جي چونڊيل نمائندن کان ڪونه ٿي پڄي، جنھن ڪري ھُو عام طور تي مذھب جو سھارو وٺندا آھن، ان مثال مان خبر پوي ٿي ته ان قسم جي ڌوڪي کان صرف تعليم ئي عوام کي بچائي سگھي ٿي.

معاشي برابري:

سياسي جمھوريت جي ڪاميابي لاءِ معاشي برابري تمام ضروري ھجي ٿي، ھڪ ھاريءَ کان اسان ڪيئن توقع ڪري سگھون ٿا ته ھُو پنهنجي تر جي زميندار جي خلاف ويندو ۽ ايئن ئي ھڪ بکيي ماڻھوءَ کان اھا اميد رکڻ ته ھو پنھنجو ووٽ نه وڪڻندو، اسان جي ملڪ جي حالت اھا اھي ته ووٽ ڏيڻ واري عوام جو گھڻو تعداد غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري ٿو، خاص ڪري اسان جي سنڌ ۾ ڪجھ ماڻھن وٽ ھڪ ايڪڙ زمين به نه آھي ۽ ڪجھ ماڻھن وٽ لاتعداد زمين آھي، جيڪڏھن اسان جي ملڪ ۾ جمھوريت کي ڪامياب ڪرڻو آھي ته سخت قسم جا معاشي سڌارا آڻڻا پوندا خاص ڪري سنڌ ۾ لينڊ ھولڊنگ جي بيڪار۽ مدي خارج پاليسيءَ کي تبديل ڪرڻو پوندو، ان سڄي بحث ۾ اھا ڳالھ معلوم ٿئي ٿي ته اسان وٽ جمھوريت جي ناڪاميء جو سبب به اھوئي آھي ته عوام الناس ۾ چوڪسي، تعليم ۽ پئسي جي تمام گھڻي ڪمي آھي. منھنجي خيال ۾ انھن سڀني بيمارين جو ڪارڻ بھتر تعليمي سرشتي جو نه ھجڻ آھي. معاشري ۾ معاشي برابر تعليم ذريعي ئي اچي سگھي ٿي ۽ ان کان علاوه پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ تعليم ئي ماڻهن کي حساس بڻائيندي آھي.