سنڌ ۾ پاڻي چوري ۽ ڌاڙا ڪير بند ڪرائيندو؟

0
140
سيٽلائيٽ جي مدد سان آفتن کي منهن ڪيئن ڏجي؟

ڪجهه وقت اڳ ‘پنهنجي اخبار’ ۾ اداري طرفان ايڊيٽوريل لکيو ويو هو، جنهن جو عنوان هو “سنڌ ۾ پاڻي چوري ۽ ڌاڙا ڪير بند ڪرائيندو؟” انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو هو ته سنڌ نا انصافيون ڀوڳي رهي آهي، جنهنڪري ان جي زراعت کي نقصان پهچي رهيو آهي. گذريل سانوڻي ۾ برساتون پيون ته پاڻي تمام وڌيڪ هو. اهو واڌو پاڻي به سنڌ ڏانهن ڇڏيو ويو، جنهنڪري برساتن ۽ انهيءَ ٻوڏ جي پاڻي وڏي تباهي مچائي ڇڏي ۽ جڏهن وري کوٽ ٿي ته پنجاب پاڻي روڪي پنهنجي پورت ڪندو آهي ۽ سنڌ ۾ فصل سڪندا رهندا آهن. آبادگار تنهنڪري ته احتجاج تي مجبور هوندا آهن پر سنڌ جا ڪيترا علائقا پيئڻ جي پاڻ کان به محروم هوندا آهن. ٻوڏ دوران اضافي پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو ته چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند ٺاهيا ويا، ان لاءِ ته ٻوڏ دوران انهن کي کوليو وڃي ته جيئن سسٽم تي دٻاءُ نه ٿئي. پر هتي قصو اُن جي اُبتڙ هلي رهيو آهي. جڏهن ٻوڏ هوندي آهي ته سسٽم ۾ موجود واڌو پاڻي به سنڌ ڏانهن موڪليو ويندو آهي. جنهنڪري سنڌ انهيءَ موسم ۾ وڏي خطري ۾ هوندي آهي. جڏهن وري پاڻي کوٽ هوندي آهي ته سنڌ جي پورت جي خيال بدران پنجاب اُهي ٻئي فلڊ ڪينال کولي ڇڏيندو آهي، جنهن سان سنڌ سوڪهڙي جو شڪار ٿيندي آهي. مطلب ته ٻڏي به سنڌ ۽ سُڪي به سنڌ، ۽ سنڌ اِنهن ٻنهي مرحلن مان گذرندي رهي آهي. اڳي سنڌ ٻوڏ هيٺ هئي ۽ هاڻي سُڪي رهي آهي.

ايڊيٽوريل ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو هو ته سنڌ سان چوري ۽ سينا زوري جو ڪو ازالو نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته پنجاب منڍ ۾ هئڻ جو ڀرپور ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي. پاڻي ورڇ جي ذميواري ارسا سميت وفاقي حڪومت تي به آهي. پنجاب جي انهيءَ ڏاڍ جو ڪو نوٽس نٿو وٺي. ڪجهه وقت اڳ قومي اسيمبلي ۾ پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ اهو معاملو آيو ته سنڌ لاءِ جيڪو پاڻي ڇڏيو ويو ان مان تقريبن ويهه هزار ڪيوسڪ پنجاب ۾ چوري ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ گهٽ پاڻي پهتو. جنهنڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي پورو نه مليو. پاڻي گهٽ ملڻ جي ڪري سنڌ مان بلوچستان لاءِ گهٽ پاڻي ڇڏيو ويو. اڃا انهيءَ مسئلي جو ڪوئي حل نه نڪتو آهي. هاڻي هڪ ٻيو مسئلو سامهون آيو آهي ته پنجاب اهي لنڪ ڪينال کولي پاڻي کڻي رهيو آهي، جيڪي رڳو ٻوڏ دوران کولي سگهجن ٿا. هڪ خبر اها پڻ آهي ته پنجاب جي آبپاشي کاتي هڪ ڀيرو وري تڪراري سي-جي لنڪ ڪينال مان 3021 پاڻي کڻي ڇڏيو، جڏهن ته 12 فيبروري تي پنجاب جي آبپاشي کاتي سي-جي لنڪ ڪينال مان پاڻي جي کڻت وڌائي 5 هزار ڪيوسڪ تي آڻي ڇڏي آهي. پنجاب جي آبپاشي کاتي سي-جي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت 3 جنوري تي بند ڪئي هئي. 38 ڏينهن کانپوءِ پنجاب جي آبپاشي کاتي سي-جي لنڪ ڪينال کي ٻيهر کولي پاڻي جي کڻت شروع ڪئي. ان کان اڳ هلندڙ ربيع سيزن دوران پنجاب جو آبپاشي کاتو پهرين آڪٽوبر کان جنوري تائين تڪراري سي-جي لنڪ ڪينال مان مسلسل 3 لک 22 هزار ڪيوسڪ 664 ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو آهي. 11 ۽ 12 فيبروري دوران پنجاب 8021 ڪيوسڪ سي-جي لنڪ ڪينال مان کنيو. مجموعي طور هلندڙ ربيع سيزن دوران 3 لک 30 هزار 685 ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو آهي. ٽي-پي لنڪ ڪينال مان پنجاب جي آبپاشي کاتي پاڻي کڻت پهرين جنوري کان بند ڪئي ئي، پر پنجاب جي آبپاشي کاتو 31 ڊسمبر تائين تڪراري ٽي-پي لنڪ ڪينال ذريعي هلندڙ ربيع سيزن دوران 5 لک 90 هزار 899 ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو آهي. مطلب ته پنجاب ٻوڏ جي سيزن ختم ٿيڻ کانپوءِ به ٻئي فلڊ ڪينال وهائي نه رڳو معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي پر گڏوگڏ سنڌ جي، اڳ ۾ ئي ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويل زراعت کي وڌيڪ تباهه ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.

پنجاب جيڪي سنڌ سان ڏاڍايون ڪري رهيو آهي، اهي هن ريت آهن: 1. پنجاب ٻئي لنڪ ڪينال وهائي ٿو،  اهي به ان وقت جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هوندي آهي. 2. منگلا ڊيم ۾ انهيءَ وقت پاڻي ذخيرو ڪندو آهي، جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هوندي آهي.

سال 1991 ۾ پاڻي ٺاهه ٿيو هو. تڏهن کان وٺي پنجاب سنڌ سان مٿي ڄاڻايل ڏاڍايون ڪري رهيو آهي. سنڌ کي اهو اختيار آهي ته اها ارسا جي فيصلن خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃي. جنهن ۾ اهو آهي ته سنڌ لکت ۾ ڏني ته اسان کي هي اعتراض آهن. مونکي جيڪا معلومات آهي تنهن مطابق سنڌ لکت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي مسئلي بابت ٻڌايو آهي. نه رڳو چيف منسٽر سنڌ مراد علي شاهه اها ڳالهه گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ ڪئي پر لکت ۾ پڻ ڏنو آهي. ٻئي پاسي گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو چيئرمين هينئر شهباز شريف آهي. اُنهيءَ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ڇا ٿو ڪري. جڏهن هو پنجاب صوبي مان آهي ته هو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪيٻائيندو، تنهنڪري فيصلو ٿي نه سگهندو.

اسان کي پوءِ به اهو آپشن آهي ته قومي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ وڃون. پر اسان تڏهن وڃي سگهنداسين، جڏهن شهباز شريف فيصلو ڪري. تيستائين اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. منهنجي خيال ۾ اها صورتحال هلندي رهندي. نه شهباز شريف فيصلو ڪندو، نه اسان ان فيصلي جي خلاف قومي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ وڃي سگهنداسين. اها صورتحال هلندي رهندي. اسان وٽ ٻيو آپشن ڪونهي. هڪڙو آپشن اهو آهي ته شهباز شريف جي حڪومت بدلجي ۽ عمران خان ملڪ جو نئون وزيراعظم ٿئي ۽ اهو فيصلو ڪري، نه ته اسان کي ويٽ اينڊ واچ واري صورتحال ۾ رهڻو پوندو. ملڪ ۾ اليڪشن ٿين ۽ صورتحال مٽجي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهيءَ ڪري چئي ويو آهي ته، آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.