نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد بس اسٽاپ تي موٽروي روڊ ڪراس ڪندي نامعلوم مسافر ڪوچ جي ٽڪر سبب ڳورهاري عورت ۽ سندس ٻن ورھين جو معصوم پٽ ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ 3 ٻار زخمي ٿي پيا، فوتي عورت جي سڃاڻپ مسمات سڪينا زال محمد صالح مري ۽ سندس ٻن ورھين جو پٽ قادر بخش ولد محمد صالح مري طور ٿي آھي، جڏھن ته زخمين ۾ دلدار ولد صالح مري عمر 5 ورھيه، دادن ولد صالح مري عمر اٽڪل 3 ورھيه ۽ نظيران ڌيءَ خدابخش عمر 6 ورھيه شامل آھن، حادثي جو شڪار ٿيل خاندان جو تعلق ويٺل ڳوٺ حاجي راڄو مري تعلقو جھنڊو مري ضلع ٽنڊوالهيار سان آھي، فوتي ۽ زخمين جا مڙھ ٽراما سينٽر منتقل ڪيا ويا، جيڪي وارث بغير ڪارروائي جي ڳوٺ کڻائي ويا فوتي عورت پڻ ڳورهاري ھئي انتھائي افسوس ناڪ حادثي سبب سندن وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. فوتي عورت جو ڪٽنب ڪوھستان جي علائقي ٽڪو بارڻ ۾َسندن مائٽن سان ملڻ آيا ھئا، جيڪي بعد ۾ واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ نوري آباد موٽروي روڊ ڪراس ڪري رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. ھوڏانھن ڪوچ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.