ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد پوليس دادو ڀان روڊ تي درگاهه سيد طالب شاهه جي پويان ڪارروائي ڪندي منشيات جي الزام هيٺ سيوهڻ واسي هڪ نوجوان خادم حسين سهتو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس پاران گرفتار ٿيل نوجوان خادم حسين سهتو خلاف ڀان سيدآباد ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي اي ايس آءِ ٻانهون خان جوڻيجو جي مدعيت ۾ گناهه نمبر 61 قلم 9سي 1997ايڪٽ تحت ڀان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان خادم حسين سهتو کي ايس ايچ او مظهر نائچ پاران سيوهڻ مان زبردستي کنڀي سياسي بنيادن تي سندس خلاف چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، نوجوان خادم سهتو خلاف چرس جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڀان سيدآباد پوليس کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو ويو، خادم حسين سهتو ڪجهه وقت کان سيوهڻ ۾ پوليس ۽ ڪجهه سياسي اوطاقن خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽون پڻ شيئر ڪندو رهيوآهي.