لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف شهبازشريف بابت پاڻ سان منسوب بيان جي ترديد ڪري ڇڏي، نواز ليگ قائد نوازشريف جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته انتهائي مشڪل وقت ۾ شهبازشريف جون ڪوششون ثمر ڏينديون، اميد آهي ته شهبازشريف ملڪ کي عمران جي پيدا ڪيل بحران مان ڪڍي وٺندو، هن چيو ته مون سان منسوب وزيراعظم شهبازشريف بابت بيان غلط ۽ بي بنياد آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ سينيئر صحافي سهيل وڙائچ لنڊن ۾ نوازشريف سان ڪيل ملاقات جو احوال ٻڌائيندي چيو هو ته نوازشريف مفتاح اسماعيل جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڀاءُ وزيراعظم شهبازشريف کان به ناخوش آهي، رڳو مريم نواز کان مطمئن آهي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سهيل وڙائچ چيو ته نوازشريف معاشي پاليسي کان بلڪل مطمئن نه آهي، مفتاح اسماعيل جي ڪارڪردگي کي به پسند نٿو ڪري، هو سمجهي ٿو ته معاشي صورتحال اسحاق ڊار سنڀالي، سهيل وڙائچ چيو ته ميان نوازشريف مونکي بار بار چوندو رهيو ته اوهان شهبازشريف سان ملو ۽ ان کي چئو ته هي ڪهڙيون پاليسيون آهن، ان تي نظرثاني ڪري، هن کي عوام آڏو پاڻ اچي اقتصادي پاليسي تي وضاحت ڪرڻ گهرجي، مهانگائي جا سبب به وزيراعظم کي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي، نوازشريف ان ڳالهه تي مطمئن نه هو ته وزيراعظم بيانيو ٺاهي نٿو سگهي،