نواب ولي محمد: 800 ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي جو تڪرار، ايس ايڇ او سوڌو 6 ڄڻا مارجي ويا

0
424
800 ايڪڙ زمين تي

نواب شاهه/ نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ۾ 800 ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي تان پيدا ٿيل تڪرار ٻيهر ڀڙڪِي پيو، ڀنڊ ۽ زرداري برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران پوليس چوڪي انچارج عبدالحميد کوسو شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا ٻيا به مارجي ويا آهن، مارجي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو

ڀنڊ برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته زرداري ڌر جي ماڻهن پوليس جي سرپرستي ۾ سرنهن جو فصل لڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته روڪڻ ،تي فائرنگ ڪئي نتيجي ۾ پوليس چوڪي انچارج سوڌو 5 ڄڻا مارجي ويا آھن

فائرنگ ۾ اياز ڀنڊ، ٽوهه فقير ڀنڊ، اختر ڀنڊ، حاجي ڀنڊ، دلاور سنگراھ، علي ڀنڊ، امين ڀنڊ، ديدار سنگراھ، خان ڀنڊ زخمي ٿي پيا آهن

ايس ايس پي نواب شاهه جو چوڻ آهي ته اطلاع آهن ته مرزاپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالحميد کوسو شهيد ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

جيڪب آباد: پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، ٻه ڏوهاري مارجي ويا