جيڪب آباد: ھندو پنچائت جي صدر لال چند ۽ پٽ تي تشدد ڪندڙ 4 اهلڪار برطرف

0
348
جيڪب آباد: ھندو پنچائت جي

جيڪب آباد: ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سُمير نور چنا ھندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي ۽ پٽ تي تشدد ڪندڙ 4 اهلڪارن کي برطرف ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي جيڪب آباد سب انسپيڪٽر جھانگير مٺياڻي، سب انسپيڪٽر علي حسن مهر، ڊي آءِ بي انچارج انور شاهه ۽ پوليس ڪانسٽيبل عمر بنگلاڻي جي نوڪري چٽ ڪري ڇڏي

ايس ايس پي پاران لال چند سيتلاڻي تي داخل ڪيل ڪيس جي انويسٽيگيشن آفيسر نزاڪت ڀٽو ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل منير ڀٽو کي ميجر پنشمينٽ ڏئي سروس ختم ڪري ڇڏي. ايس ايس پي ڊاڪٽر سُمير نور چنا موجب  آءِ جي سنڌ جي حڪم تي لال چند سيتلاڻي ۽ پٽ شيوا سيتلاڻي تي تشدد ڪندڙ چئن اهلڪارن کي برطرف ۽ ٻن اهلڪارن جي سروس ختم ڪئي آهي

واضح رهي ته اڳوڻي ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ جي حڪم تي پوليس لال چند سيتلاڻي ۽ پٽ کي 22 آڪٽوبر تي کنڀي گم ڪيو ھو ۽ ھڪ ڏينھن بعد ڪيس ۾ داخل ڪيو ھو. لال چند جو چوڻ هو ته مون سان اڳوڻي ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ زيادتي ڪئي، تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر ان کي ڪلين چٽ ڏني وئي اھو ڪٿان جو انصاف آهي؟