بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 9 پئسا في يونٽ واڌ

0
182
ڪراچي جي شهرين

ڪراچي (م ڊ)  نيشنل اليڪٽرڪ اينڊ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 9 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي

نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو مدو ورهائيندڙ ڪمپنيون فيبروري جي بلن جي صورت ۾ وصول ڪن، جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندو