لاهور(م ڊ) پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن ايچ آر سي پي ملڪ ۾ غذائي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايڇ آر سي پي موجب سستي اٽي لاءِ ڇڪتاڻ جا واقعا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاءِ واضح تنبيهه آهن، ميرپورخاص ۾ هڪ مزدور فوت ۽ نواب شاهه ۾ ڪيتريون ئي عورتون زخمي ٿيون. ايچ آر سي پي جو چوڻ آهي ته وڌندڙ مهانگائي، خوراڪ جي کوٽ ملڪ کي انساني حقن جي بحران ڏانهن ڌڪي رهي آهي، ورهاست جو ناقص طريقو، وڏي پئماني تي برطرفيون ملڪ کي بحران ڏانهن ڌڪي رهيون آهن. انساني حقن جي ڪميشن موجب مزدور هرسنگهه ڪولهي جي موت جي انڪوائري ڪاغذي ڪارروائي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، 6 ٻارن جو پيءُ غذائي عدم تحفظ جو پهريون شڪار ناهي. ڪميشن جو چوڻ آهي ته رياست سڄي ملڪ ۾ سستي اگهه تي خوراڪ جي منصفاڻي ورهاست کي ترجيح نه ڏني ته اهڙا واقعا ٿيندا رهندا.