ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتال ۾ نرسن کي جسم فروشي تي مجبور ڪرڻ جي الزامن جي جاچ مڪمل ٿي وئي. صحت کاتي جي اختيارين موجب صحت سيڪريٽري بلوچستان کي 3 جنوري تي هڪ گمنام خط وصول ٿيو هو، جنهن ۾ ڪوئيٽا جي سرڪاري شيخ زيد اسپتال جي انتظامي عملي ۽ هيڊ نرس مسرت تنوير تي نرسن کي جسم فروشي تي مجبور ڪرڻ جو الزام لڳائي ڳجهي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو هو. صوبائي سيڪريٽري صالح محمد ناصر انهن الزامن جي جاچ لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري صحت عتيق الله خان جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن هڪ هفتي جي جاچ کانپوءِ انڪوائري رپورٽ صحت سيڪريٽري کي پيش ڪري ڇڏي. ان حوالي سان صحت سيڪريٽري ٻڌايو ته انڪوائري ٽيم کي نرسن سميت اسپتال ۾ مقرر عورتن کي جسم فروشي تي مجبور ڪرڻ جون شاهديون نه مليون پر اسپتال جا انتظامي معاملا ضرور سامهون آيا، جنهن ۾ انتظاميا طرفان مالي فائدن لاءِ اسپتال عملي کي تنگ ڪرڻ جون دانهون رڪارڊ تي آيون. صحت سيڪريٽري اسپتال جي انتطامي مسئلن جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪاميٽي کي جاچ جو دائرو وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.