لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  (پي سي بي) جي مينجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي اعلان ڪيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي. نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مارچ جي آخر ۾ افغانستان خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي. هن ٻڌايو ته ٽئي ميچز شارجا ۾ کيڏيون وينديون. نجم سيٺي چيو ته پاڪ-افغان ڪرڪيٽ سيريز جو مقصد آسٽريليا طرفان افغانستان خلاف ٻه طرفي سيريز نه کيڏڻ کانپوءِ ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ آهي.  هن وڌيڪ چيو ته مون ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي افغانستان کي بي سي سي آءِ، پي سي بي، بي سي بي ۽ ايس ايل سي بورڊن جي آمدني ۾ برابر حصو ڏيڻ جي فيصلي جي به حمايت ڪئي آهي.