شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پريمئير ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي ٽئين سيزن جي باقاعده شروعات کان اڳ ٽرافي جي نمائش لاءِ عبدالسلام ٿهيم اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي. پريميئر ليگ جي افتتاحي ميچ 12 فيبروري تي کيڏي ويندي، ٽرافي جي افتتاحي تقريب ۾ پ پ ايم پي اي شاهد عبدالسلام ٿهيم سان گڏ شھرين ۽ ڪرڪيٽرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ٽورنامنٽ ڪميٽي ٽرافي جي مهورت دوران شاندار آتشبازي ڪري آسمان ۾ مختلف رنگ نکيري تقريب چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي ايم پي اي شاهد ٿهيم خطاب ۾ چيو ته سٺي صحت لاءِ رانديون انتهائي ضروري آهن. راندين جا ميدان آباد ٿيڻ سان اسپتالون ويران بڻجي ويندا آهن.