مورو (رپورٽر) آبش علي بھراڻي ڪاميابيءَ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٻيھر آمريڪا جي شهر ٽيمپا فلوريڊا ۾ ٿيندڙ نارٿ آمريڪا جي سڀ کان وڏي جمناسٽڪس جي مقابلن لاءِ چونڊجي وئي، ان سلسلي ۾ جمناسٽڪس آبش علي بھراڻي پنھنجو وڊيو بيان ڏيندي پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام کي ڪاميابيءَ لاءِ دعائن جي اپيل ڪئي آھي. آبش علي جو چوڻ هو ته مان تمام گھڻي خوش قسمت آھيان جو مونکي نارٿ آمريڪا جي سڀ کان وڏي راندين جي مقابلن لاءِ چونڊيو ويو آھي جيڪو فيبروري جي 24 کان 27 تائين جاري رهندو جتي ڪيترن ئي ملڪن جا جمناسٽڪس جا رانديگر حصو وٺندا، ان لاءِ مونکي سموري پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام جي دعائن جي ضرورت آھي دعا ڪن ته جيئن ايندڙ مقابلن ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري پنھنجي پاڪستان سھڻي سنڌ ڌرتي جو نالو روشن ڪري سگھان. آبش علي بھراڻي وڌيڪ چيو ته منھنجو اصل تعلق تعلقي مورو جي ڳوٺ ھوت خان بھراڻي سان آهي ڪافي وقت کان ڪئناڊا ۾ رھان ٿي ۽ يارھين جماعت جي شاگردياڻي آهيان.