ڪراچي: مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري اعلان خلاف تحريڪ انصاف پاران اڄ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 علي زيدي، عمران اسماعيل ۽ ٻين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي کي ٻيهر يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين، شهرين آواز نه اٿاريو ته شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوريون بند لاش ملندا

هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم وارن کي مڪاني چونڊن ۾ شڪست جو ڊپ آهي، تنهنڪري چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ مختلف هربا استعمال ڪري رهيون آهن

ٻئي پاسي جماعت اسلامي مڪاني چونڊون شيڊول موجب ٿيڻ واري حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو ڌرڻي وارو اعلان واپس وٺي ڇڏيو

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي عوام کي آئيني حقن کان محروم ڪرڻ چاهي ٿي، ايم ڪيو ايم وارن کي ٻوري بند لاشن جو ڪاروبار ڪرڻو آهي

هنن چيو ته پيپلزپارٽي لاڳيتو عوام سان دوکو ڪري رهي آهي، ڪنهن کي به ڪراچي جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏبو