سنڌ حڪومت جو فيصلو رد: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

0
202

ڪراچي: سنڌ ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو جي ٻن تعلقن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري سنڌ سرڪار جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن طرفان وفاقي گهرو وزارت کي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ چئني ميمبرز شرڪت ڪئي، جنهن دوران سنڌ حڪومت جي چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري درخواست ۽ نوٽيفڪيشنز جو جائزو ورتو ويو

 اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي حيدرآباد ۽ دادو جي ٻن تعلقن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت درخواست کي رد ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن حڪم جاري ڪندي چيو ته ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب 15 جنوري تي ئي ٿينديون