مٽياري (رپورٽر ) مٽياري جي انتظاميا عدالتي حڪم باوجوده گئس اينڊ آئل رائلٽي جي پئسن مان تيار ٿيل 43 کان مٿي آر او پلانٽ اسٽارٽ ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جنهن بعد اڳوڻي گهرو وزير ۽ پيپلزپارٽي ايم پي اي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم رفيق زمان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن کي عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي جي 43 آر او پلانٽ جي رٿائن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ جون ھدايت ڪيون آهن. هن چيو ته عوامي ڀلائيءَ جي ترقياتي منصوبن ۾ دير ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي، مخدوم رفيق زمان مٽياري شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بابت عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ضلعي جي لاڳاپيل عملدارن کي شھرين کي پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون آهن، جنهن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري مرتضيٰ شاهه اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زھراڻي کي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٽائون ڪميٽي عملدارن جي ھنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي پاڻيء جو مسئلو فوري طور حل ڪرڻ لاءِ ترت اپاء وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، ايم پي اي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم رفيق زمان پنهنجي بيان ۾ آفيسرن تي واضع ڪيو آهي ھو عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿيڻ سان گڏوگڏ مسئلن جي مستقل حل لاءِ جامع رٿابندي ڪري رپورٽ پيش ڪن، سستي ۽ لاپرواهي ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ۽ کين هٽائڻ لاءِ سي ايم سنڌ کي خط لکيو ويندو.