چيلهار (ن پ ا) شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ڪروڙن جي لاڳت سان قائم ڪيل آر او پلانٽ کي وڏي عرصي کان تالا لڳل، واٽر سپلاءِ پائيپ لائين جو ڪم به مڪمل نه ٿيو. تفصيل موجب شھر ۾ کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ لاءِ لڳايل واٽر فلٽريشن پلانٽ مان شهر واسين کي هڪ ڏينهن به مٺو پاڻي نصيب نه ٿيو. آر او پلانٽ کي پبلڪ هيلٿ عملدارن تالا لڳائي ڇڏيا آھن، چيلهار شهر جي مختلف ڪالونين جا پندرهن هزارن کان به وڌيڪ رهواسي گڏھ گاڏين ذريعي مختلف ماڻھن جي لڳل پرائيويٽ ٽيوب ويلن تان پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ٻئي پاسي مٺيءَ کان چيلهار تائين پائيپ لائين جو ڪم اڌ ۾ رڪيل آهي. شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف شهري بار بار احتجاج ڪندا رهيا، ان جي باوجود شهرين جو بنيادي مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. شهرين اشوڪ، گوبند، وشنو ۽ ٻين پبلڪ هيلٿ ٿرپارڪر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي ته جائز مسئلو ترجيحي بنيادن تي حق مھيا ڪيو وڃي.