جهنڊومري (ن پ ا) جهنڊومري تعلقو منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي، تعلقي جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ منشيات سرعام وکر جيان وڪرو ٿي رهي آهي، پوليس سميت منشيات کي روڪيندڙ مختلف ادارن پاران ڪارروائي ڪرڻ بدران مبينا منٿليون مقرر ڪيون ويون آهن، جنهن سبب تعلقي جهنڊومري ۾ هر قسم جي منشيات جو ڪاروبار وڏي سطح تي جاري آهي. تعلقي جهنڊومري جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ آئيس، چرس، آفيم، هيروئن، گٽڪو، مين پڙي، سفينه ۽ نشي آور سميت هر قسم جي منشيات جو وڪرو سرعام هلي رهيو آهي، جنهن سبب تعلقي جي مقامي نوجوانن سميت تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ نوجوان شاگرد به منشيات جي ور چڙهي ويا آهن. سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ نوٽيس وٺي.