مٽياري (رہورٽر) مٽياري جي اٽي چڪين کي ڪوٽا جي ڪڻڪ نه ملي، جنهن سبب ضلعي ۾ اٽي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. ان ڏس ۾  مٽياري آٽا چڪي ايسوسئيشن پاران ڊسٽرڪٽ فوڏ ڪنٽرولر خلاف دانهيو. اڳواڻن حاجي اقبال سومرو، نائب صدر غلام رسول سھتو، جنرل سيڪريٽري پريم چند،  ملڪ عامر . رياض ميمڻ . عبدالصمد سرھندي . آلو مل ۽ ظھير ميمڻ ڪري رھيا ھئا مظاھرين جو چوڻ ھو تہ مٽياري ۾ ڪل 110 چڪيون آھن ۽ ھر چڪي کي قانونن 28 ٻوريون ڏيڻيون آھن پر اسان کي  گذريل اٺن ڏينھن کان ڪڻڪ جي ڪوٽا بند آھي اسان شھرين کي ڪٿان اٽو فراھم ڪيون. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ اسان ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر وٽ وياسين تہ ھن سرعام 150 رپيا في ٻوري رشوت طلب ڪئي! اسان رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪيو تہ ھن ڪڻڪ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنھن بعد اسان شھيد بينظير آباد جي ڊي ايف سي وٽ وياسين جنھن پڻ 200 رپيا في ٻوري تي رشوت طلب ڪئي نہ ڏيڻ جي صورت ۾ ڪڻڪ ڪوٽا مڪمل بند ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني مظاھرين چيو تہ سنڌ حڪومت جي اعلان مطابق اسان کي ھر پٿر تي 28 ٻوريون ڏنيون وڃن اڳواڻن چيو تہ فوڊ کاتي پاران ڄاڻي ٻجھي اٽي جو بحران پيدا ڪيو پيو وڃي مظاھرين جو چوڻ ھو تہ مٽياري ضلعي جو فوڊ جو گودام حيدرآباد ۾ آھي جنھن کي فوري طور مٽياري ضلعي ۾ منتقل ڪيو وڃي مظاھرين چتاء ڏيندي چيو تہ اسان کي سڀاڻي تائين ڪوٽا مطابق ڪڻڪ فراھم نہ ٿي تہ اسان پوري ضلعي جون 110 چڪيون بند ڪري غير معينہ مدت تائين ھڙتال ڪنداسين. ٻئي پاسي اٽي چڪين کي ڪوٽا جي ڪڻڪ نه ملڻ ڪري اٽي جي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي ۽ اٽي جا اگهه به وڌي ويا آهن. ٻئي پاسي ڊي ايف سي عرفان جوکيو جو چوڻ آهي ته اٽي چڪي وارن کي اسان چالان جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن بعد انهن کي نوابشاهه جي گودامن مان ڪڻڪ رليز ڪرڻ جو ليٽر به جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو مٽياري ضلعي جي گودامن ۾ جيڪا ڪڻڪ هئي اها به انهن کي ڏني وئي هئي اسٽاڪ هاڻ ختم ٿي چڪو آهي، باقي ٻيا جيڪي اسان مٿان الزام لڳايا پيا وڃن اهي ڪوڙا آهن. اٽي چڪي مالڪن کي جلد ڪڻڪ رليز ٿي ويندي جئين آهي پنهجا چالان پياري نوابشاهه ويندا.