جهوڪ شريف (ن پ ا) جهوڪ شريف جي گنج بحر ڪئنال ۾ ڏيڍ مهيني کان پاڻي نه اچڻ ڪري علائقي ۾ پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي، شهر جو واٽر سپلاءِ تلاءَ پڻ سڪي ويو آهي، جنهن ڪري شهري عورتن توڙي ٻارڙا مٿي تي ٿانوءَ کڻي پري پري کان ڀري اچڻ تي مجبور آهن،ان حوالي سان  سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران  صادق جتوئي، عمران انقلابي، محب جلالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن دانهيندي چيو ته آبپاشي کاتي گنج بحر ڪئنال ۾ هٿرادو کوٽ پاڻي پيدا ڪري ڇڏي آهي،چيٽ جا فصل سڪي رهيا آهن،نوٽيس وٺي  پاڻي ڏنو وڃي.