مٽياري / هالا (نمائندا) مٽياري ۽ هالا ۾عالمي وبا ڪورونا کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جا جوان پھچي ويا. پاڪ فوج جي جوانن ليفٽيننٽ عبدالله جي اڳواڻي ۾ شاھي بازار، مارڪيٽ، درگاھ روڊ، باب النوح ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻھن ۾ ماسڪ تقسيم ڪيا ۽ دڪاندارن توڙي خريداري ڪندڙ ماڻھن کي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون. ان موقعي تي ليفٽينٽ عبدالله چيو ته ڪورونا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي ان لاءِ اسان کي تمام گھڻو محتاط رھڻو پوندو. ھن چيو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا جي تباھ ڪارين عام زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. اگر خدانخواسته پاڪستان ۾ اھڙي صورتحال ٿي ته ان تي ڪنٽرول ڪرڻ تمام گھڻو مشڪل ھوندو. ان لاءِ عوام کي گھرجي ته گھر کان نڪرڻ کان پھرين ماسڪ جو استعمال ضروري ڪن ته جيئن پاڻ ۽ پنھنجي خاندان کي عالمي وبا ڪورونا کان محفوظ رکي سگهجي.