هنڱورجا (ن پ ا) صحافي اتحاد خيرپور پاران صحافي ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جي ٻئي ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي. مقررن خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ هڪ ئي وقت سياسي ڪارڪن،صحافي،سماج سڌارڪ اڳواڻ هو ۽ هن جون ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگھجن. هنن چيو ته ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ صحافت جي ميدان ۾ خيرپور ضلعي جي صحافين کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي پليٽ فارم تي متحد ۽ منظم ڪيو. هن جون صحافت جي ميدان ۾ به اڻڳڻيون قربانيون آهن ان جي وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال صدين تائين ڀرجي نه سگھبو. تقريب دوران ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جي مغفرت لاءِ خصوصي دعا گھري وئي. صحافين پريس ڪلب کان پير بابو قبرستان پهچي ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي.