مٽياري: ضلعي اندر 2018ع واري اليڪشن دوران 54.06 پرسن ٽرن آئوٽ رهيو هو، جنهن ۾ عورت ووٽرن 46.94 پرسن ووٽ ڪاسٽ ڪيا ۽ مرد ووٽرن 54.86 پرسن ووٽ ڪاسٽ ڪيا، ضلعي ۾ هڪ اين اي ۽ 2 پي ايس سيٽن تي ٽوٽل هڪ لک 85 هزار 379 ووٽ ڪاسٽ ٿيا هئا، جڏهن ته ان وقت ضلعي ۾ جڏهن ته تازا اپڊيٽ موجب ضلعي اندر مرد ووٽرن جو تعداد وڌي 2 لک 13 هزار 444 ٿيو آهي ساڳئي ريت عورت ووٽرن جو تعداد وڌي 1 لک 87 هزار 601 ٿيو آهي، جنهن مطابق ضلعي ۾ هن وقت ٽوٽل رجسٽرڊ ووٽ جو تعداد چار لک 1045 ٿيو آهي. جڏهن ته 2013 واري اليڪشن ۾ ضلعي ۾ مجموعي طور تي 63 پرسن ووٽ ڪاسٽ ٿيا هئا پر ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آفيس مٽياري ۾ 2013ع جو رڪارڊ موجوده ناهي نه ئي سندس ويب سائيٽ تي رڪارڊ موجودهه آهي.