ميهڙ (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي سي ايم او عدالتي حڪم باوجود ميهڙ شهر ۾ صفائي جي نظام کي بهتر نه ڪري سگهيو. سي ايم او ۽ ٻين عملدارن جي نااهلي ڪري ميهڙ شھر جي 14 وارڊن جي 30کان وڌيڪ ڪالونين، محلن شيخ محلا، شاهي بازار ، ريشم گلي، ڀنڊ محلا، ڀٽائي  ڪالوني، مڪراني محلا، وينجهر محلا، آخوند محلا، المدينه ڪالوني، گلشن مدينه ڪالوني، اياز ڪالوني، سينڌل مهيسر ڪالوني، ڪلهوڙا محلا، فردوس ڪالوني، لعل شاهه ڪالوني، مرزا شاهه محلا ۽ ٻين محلن ۽ ڪالونين ۾ گندگي جا ڍير پيل آهن روڊ ۽ رستن تي ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آهي، تحريڪ انصاف، ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ ميهڙ پاران بار بار احتجاج ڪرڻ ۽ ڪورٽن ۾ پٽيشنون داخل ڪرڻ باوجود ۽ سيشن ڪورٽ دادو جي عدالت پاران حڪم باوجود ميونسپل ڪاميٽي جو سي ايم او ميهڙ شهر ۾ نه صفائي جو نظام بهتر ڪيو آهي نه شهرين کي پيئڻ جو صاف مٺو پاڻي فراهم ڪري سگهيو. ميهڙ شھر جي وي آءِ پي روڊ سان قائم تعليمي درسگاھن پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول ون ۽ ٽو، گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول، ڪاليجن  ٻاھران گند ڪچرو پيل آهي ۽ سمورو شھر گندگي جي ور چڙهيل آهي. ميهڙ شهري اتحاد جي چيئرمن ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي اڳوڻي ڪائونسلر نياز علي ٻرڙو، ميهڙ فورم جي صدر ذوالفقار علي کوکر، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر وڪيل منور علي جتوئي روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ميهڙ شھر جي مالڪي ڪيو سڄو شھر بدبو جي وبا سان بيمارين ۾ ورتل آھي شھر مان صفائي سٿرائي بهتر ڪري شهرين کي پيئڻ جو صاف مٺو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.