ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪري جي مين بس اسٽاپ تي قائم مسافر خانو ٻيهر تعمير نه ٿي سگهيو، گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل، ٽائون انتظاميا نوٽيس نه ورتو. تعلقي جي ھيڊڪوارٽر ميرپور ساڪري شھر ۾ مين بس اسٽاپ تي ڪيرايل مسافر خاني واري بلڊنگ کي ٽي مھينا گذري ويا پر ٻيھر تعمير نه ٿي سگھيو مسافر خاني واري جاءِ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل انهيَءَ سلسلي ۾ شھرين پرويز، اياز علي گبول، قادر جوڻيجو، ذولفقار ڪلمتي، اختر گبول ۽ ٻين چيو ته ٽن مھينن کان ٽا.ون آفيسر کي چئي رھيا آھيون پر رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي رھيو آهي ھنن چيو ته ٽا.ون جي بجيٽ خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي مسافر خانو نه ھئڻ ڪري مسافر عورتون سخت پريشان آھن اسٽنٽ ڪمشنر گھارو ۽ ٽائون آفيسر کي باربار شڪايتون ڪيوسين ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. ھنن ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مسافر خانو تعمير ڪرائي شهرين کي رليف ڏنو وڃي.