ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، ضرورت پئي ته ڌرڻو به ھنيو ويندو:اُم رباب

0
481

ميھڙ (رپورٽر) ام رباب چانڊيو چيو آھي ته ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، اُم رباب چانڊيو ٻوڏ  سٽيل علائقي سُپريو بند تي پهتي، متاثرن سان ملاقات ڪئي وئي

ام رباب چانڊيو الزام ھنيو تھ حڪمران سُپريو بند کي هٿرادو ڪٽ هڻائي شهر کي ٻوڙائڻ چاهين ٿا، حڪمران ڪيتري به ڪوشش ڪن اسان شهر کي ٻڏڻ نه ڏينداسين

ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ جيڪڏهن ڌرڻو هڻڻو پيو ته هڻنداسين، ھن چيو تھ سنڌ ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي آھي، حڪومت متاثرن جي ڪا بھ واھر ناھي ڪئي

وارهه جا ماڻهو شهر خالي نه ڪن: برھان چانڊيو

ٻئي پاسي ايم پي اي برهان چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالهيون ڪندي چيو آھي تھ وارهه جا ماڻهو شهر خالي نه ڪن، شهر ۾ داخل ٿيل پاڻيءَ کي دادوءَ ڏانهن نيڪال ڪنداسين

  برهان چانڊيو چيو ته انتظاميا سان گڏجي وارهه شهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، شهر ۾ داخل ٿيل پاڻيءَ کي مختلف شاخن کي ڪٽ هڻي نيڪال ڪنداسين، وارهه جا شهري پريشان نه ٿين، آخري وقت تائين مقابلو ڪنداسين

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شهباز شريف پاران بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

وارهه ويجهو ڳوٺ ڪنڍيءَ وٽان اڻڄاتل ماڻهن گهاڙ ڊرين کي ڪٽ هڻي ڇڏيو