هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون

0
404
هل-ته-ڪنهن-مئڪدي-۾-هلون

  ڪو مون کان پُڇي ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مون ناچيز پڙهندڙ لکندڙ جو پسنديده ترين ۽ رول ماڊل شاعر ڪير!؟ ته ان جو جواب آهي. صرف امداد حسيني، ۽ ويهين صديءَ جي جديد تر سنڌي شاعريءَ جو هي ئي ته اهو جهومندڙ مور ۽ ٽرينڊ سيٽر ڪويتاڪار، جنهن پنهنجي ڌار رومانوي ۽ جديد حسيت واري ڊڪشن سان اياز، نياز، تنوير ۽ شمشير جهڙن جانئٽ شاعرن وچ ۾ پنهنجي ڪلادار قلم کي علم وانگر بلند ڪري ڏيکاريو آهي. آئون ڀانئيان ته اها خود امداد جي به وڏائي آهي جو پنهنجي دور جي هر وڏي پيشرَو کي هن والهانه واکاڻيو پئي آهي ۽ خاص طرح سان پنهنجي ٻن سينيئرز کي هن هيءُ ڪهڙي نه شاندار مڃتا ڏيندي چيو، “ڪجهه نه هجي سنڌي ٻوليءَ ۾، اياز شيام آهي ئي آهي.” ان بعد هاڻي هي به پڙهو ته رسالو شاهه لطيف جو آڏو رکي امداد هي عقيدت منجهان ڇا ته چوي پيو: “لطيف هوندي ڇا جو ڀؤ، سورج هوندي ڪهڙو انڌ؟” ۽ ان سان گڏ ئي هن جو هي به اعتراف، “سنڌڙي، سُر، سنگيت، سُڳنڌ، مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ.” گڏوگڏ پنهنجي شاعراڻي انا جي وياکيا طور صرف اسان کي ئي نه خود پاڻ کي به ياد ڪرائيندي هي به چوڻ ته، “ڪارونجهر ٿجان امداد، جُهڪي وڃي سو ڪهڙو ڪنڌ.”

ڪو پيشانيءَ ۾ گهنج نه وجهي ته چوان سنڌ ۾ ڪلاسڪ، نيو ڪلاسڪ يا ويندي ويهين صدي جي روايتي شاعريءَ جا جيڪي به “سامي سج وڙاءُ” هئا، اهي ته وکون ويڙهي ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ لهي چُڪا، تڏهن ايڪهين صديءَ جي آسمان تي ڪيئي حال حيات ستارن وچ ۾ هي اسان جو امداد ئي ته آهي، دور حاضر جي سنڌي شاعرن ۾ “سامي سج وڙاءُ”

سچ پڇو جڏهن کان ادب ۾ مون اکيون کوليون آهن، مون ته هر پاسي کان هي آواز پئي ٻُڌا، هو وحدت الوجود شاعر، هو وحدت الشهود، فلاڻو، ترقي پسند، فلاڻو روايت پسند، فلاڻو رجعت پسند يا هو ساڄي ڌر ۽ هو کاٻي ڌر جو شاعر ۽ هاڻي يقين ڪريو، هن پنهنجي امداد کي مون جڏهن جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو ته ڄاتو هو نه ساڄي ڌر، نه کاٻي ڌر، بلڪه پنهنجي ئي ڌر.. ۽ اهڙو ته منفرد ۽ جديد جينئس شاعر، جنهن جي ڪويتا ڄڻ پنهنجي اُڻت ۾ نيو ڪلاسڪ به ته لوڪ ڪلاسڪ ۽ جديد حِسيت جو سنگم به. ڄڻ سڀ ڌارائون هن جي شاعريءَ ۾ رلمل، هتي هي به لکندي مون کي ڪا هَٻڪ نٿي ٿئي ته ويهين صديءَ جي ڪيترن ئي وڏن شاعرن بابت مون کي وهم ته، انهن وسيع مطالعي آڌار ۽ ڪوشش وٺي پئي شاعريءَ ۾ نالو پيدا ڪيو آهي، هونئن به اڄ اردو يا سنڌيءَ ۾ گهڻائي اهڙن ئي شاعرن جي ته آهي، جيڪي ڏات بدران ڏانءَ آڌار شاعري ڪندا ٿا رهن، قطع نظر اهڙن سڀني شاعرن جي، منهنجي آڏو امداد حسيني قدرتي شاعر آهي. بنهه پراچين يُگ جي ڀرتري هري، امارو، اوڌو، چندي داس يا ميرا جيءَ جهڙو خالص ۽ جينئس شاعر، جنهن چيو هو:

آئون جُڳن کان جاڳيو آهيان،

تو لئه گيت رچڻ ٿو چاهيان

لفظ ملن ته لکان…

تنهنجا سپنا، ننڊ اچي ته ڏسان

پنجاهه ورهيه اڳ امداد جڏهن ڦوهه جوان هو ۽ اڪيلو… يا هاڻي جڏهن محفلن، ميلن ۽ جهملين ۾ سگريٽن جي دونهين ۾ هن کي تحليل ٿيندي آئون ڏسندو آهيان ۽ پنهنجي گيان ڌيان ۾ گُم، تڏهن تصور ۾ اچي ويندا اٿم، کاجوراءِ جي گڦائن ۽ جنتا ايلورا اندر جن چترڪارن چتر چٽيا هئا، ديوارن تي مجسما ڪنده ڪيا هئا، اهي به اهڙا ئي ته هوندا، جهڙو هي اسان جو امداد آهي. کيس جڏهن جڏهن به ڏسان، سندس هي شعر مون کي ضرور ياد اچي ويندو آهي.

ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي

ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي

اڄ مُڙي ماضيءَ ڏانهن ٿو ڏسان، جڏهن آئون به ڇوڪرو هئس ۽ امداد ڦوهه جوان ۽ جڏهن هن وانگر منهنجي پيرن جي هيٺان به عشق جا ڪاوا اُڀا هئا ۽ محبوبائن جو، هوا مثل خرام هو، ان وقت ڪنهن رسالي ۾ امداد جي پهرئين شعري مجموعي “امداد آهي رول” جي پبلسٽي اشتهار ۾ پڙهيو هئم.

منهنجو ڪوئي گهر ڪونهي ڪو،

مون کي هُن جي گهر پهچايو.

۽ گڏوگڏ هيءَ سٽ به:

آئون جهليان ٿو جهول، تون موتي ائين نه رول

تڏهن اسين گول بلڊنگ لڳ سوسائٽيءَ واري هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ۽ دراز قامت امداد کي صدر ۽ کوکر پاڙي واري علائقي ۾ نڀور ڪارين، اڌ جاڳيل ۽ ننڊاکڙين اکين سان مورچال مثل هلوتاڻي ۾ ئي پيا ڏسندا هئاسين. تڏهن ان ايريا ۽ آسپاس ۾ ڪيتريون نه هوٽلون هونديون هيون. “ڪراچي ريسٽورينٽ”، “ڪيفي جارج”، “ڪيفي شيزان”، “جبيس”، “اسٽار لائيٽ” ۽ جن جي ٽيبلن تي امداد ۽ ان جي منڊليءَ جا ساٿي عبدالحق عالماڻي، ماڻڪ، علي بابا، شوڪت حسين شورو ۽ مشتاق شورو اڪثر پيا نظر ايندا هئا، تڏهن اهڙين هوٽلن ۾ راتيون به ته جاڳنديون هيون ۽ لڳندو هو هي سڀ دوست ۽ البيلا ليکڪ انهن ٽيبلن تي ويٺي ويٺي ئي حياتيون گذاري ڇڏيندا.

تڏهن ان زماني ۾ ٽماهي “مهراڻ”، روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي تي به ڇا ته جوڀن هو، جن ۾ امداد جي نظمن جي به ڇا ته ڀل ڀلان…

رات آهي اماس،

روح آهي اداس،

آهي ڏاڍي پياس،

هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون

پوءِ ون يونٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هاڃا شروع ٿيڻ واري دور ۾ امداد جي هيءَ سٽ مون پڙهي:

سنڌ جي سَڏَ ۾ سڏُ جيڪو نه ڏي

ڪوڙهيو ٿي مري

۽ گڏوگڏ سندس هي دوهو به ته مون هر هڪ جي واتان ٻُڌو پئي:

مسجد ۾ ملي ٻانگ ۽ ديول ۾ وڳا گهنڊ

هن شهر جي ماڻهن کي اڃان ننڊ، اڃا ننڊ

هتي هيءَ به حقيقت ۽ سچي ڳالهه ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ صنفن جي گهاڙيٽي ۾ ويرائٽي ۽ انهن ۾ آرٽ ڪرافٽ جي جادوگري ۽ اها ته بس امداد تي ئي ختم هئي ۽ ڀرتيءَ جي لفظن کان پرهيز ۽ منڊيءَ تي ٽڪ بحرن وزن ۾ ٽو دي پوائنٽ ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهه ۽ اهو ئي ته امداد جي شاعريءَ جو وڏو گُڻ لڳندو هئم. مثال طور: شاعري ۾ غزل جو فارم ته صدين کان ساڳيو آهي، پر غزل جي ڊڪشن ۾ امداد، جيڪا جدت ۽ نواڻ آندي، ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان!

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

زور ڪيڏو هوا لڳايو آ

ڪجهه به سرجڻ يا تخليق ڪرڻ جو عمل ڪيترو نه پيڙاتمڪ هوندو آهي، امداد پنهنجي هڪ شعر ۾ ان جي خبر اسان کي هن ريت ڏني آهي:

لڙڪ کي لفظ ڪرڻ، ايترو سولو ناهي

باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي

ائين ترائيل صنف ۾ امداد جون نواڻ ارپيندڙ هي سٽون ڏسو:

بسنت رت ۾ هيڊو چهرو ڪين ٺهي ٿو، پيارا،

چهري تي رانڀوٽا پائي لال گلال ڪري ڇڏ

يا…

وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي،

ٻُڪن ۾ مُک جهلي جي ڀري ڏسي ته وٺون

امداد جي هڪ دلفريب گيت جو هي بند ڏسو:

ڪهڙي ڪم جو آهي جيون

جاڙ جيئان ٿو جاني تو بن

زهر ملي ته پيان…

سندس ٻئي شاهڪار گيت جو هي مصرع به ڇا ته آرٽسٽڪ!

جيئن ٿي ڦٿڪان، تيئن ٿي ڦاسان،

سوگهي آهيان چئني پاسان،

پيار ته آهي پَٽ جي ڏور

هاڻي هيءَ ڳالهه به عالم آشڪار ته ڪنهن به ٻوليءَ جو شاعر جيڪڏهن روماني شاعر آهي ۽ خوش بختيءَ سان سندس جي پرسنالٽي به موهيندڙ ته، صنف نازڪ جي وچ ۾ اهو راجا اندر ته سڀاويڪ ئي بڻجي ويندو آهي، ان ڏس ۾ پريمي ڪائن يا شريڪ حيات جي پسمنظر ۾ امداد جون هي خوبصورت سٽون پڙهو:

مون کي اپ سيٽ ڪري،

سيٽ ڪري پئي ڪمرو

ياد اٿم، ڪنهن وقت سحر امداد صاحبه لکيو هو:

سڄڻي هان امداد جي،

سحر سندم آ نانءُ

تڏهن رومانوي شاعر امداد پنهنجي انهيءَ شريڪ حيات لاءِ جوابن لکيو هو:

سحر امداد سڄڻ، ٻيو ته سڄو لوڪ ڏڄڻ

۽ سڄڻ ريءَ سَرڻ، ايترو سولو ناهي

(10 مارچ تي امداد حسيني جي  هين 82 سالگره جي موقعي تي لکيل)