وارهه ويجهو ڳوٺ ڪنڍيءَ وٽان اڻڄاتل ماڻهن گهاڙ ڊرين کي ڪٽ هڻي ڇڏيو

0
491

 

ڪراچي(نمائندن وٽان) وارهه ويجهو ڳوٺ ڪنڍيءَ وٽان اڻڄاتل ماڻهن گهاڙ ڊرين کي ڪٽ هڻي ڇڏيو، پاڻي وارهه شهر ۾ داخل ٿي ويو، شهرين ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آھي

 نصير آباد- لاڙڪاڻو روڊ ٽريفڪ لاءِ بند، گهاڙ ڊرين کي گذريل ڏينهن لڳل گهارو به وڌي 50 فُٽ ٿي ويو، پاڻي وارهه جي سول ڪورٽ سوڌو مختلف پاڙن ۾ داخل ٿي ويو آھي، شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جاري آھي

 شهرين طرفان پاڻي نه روڪڻ جي صورت ۾ شهر ٻڏڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آھي، جهنڊو مري ڀرسان ميل شاخ کي به 6 ڏينهن اڳ لڳل گهارو وڌي 100 فُٽ ٿي ويو، 50 کان وڌيڪ ڳوٺڻ ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آھي

پٿورو ۾ کاهي شاخ ۽ پٿورو مائينر کي لڳل گهارا 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻڌجي نه سگهيا، شهر جو سومرا پاڙو، ڦاٽڪ پاڙو ۽ ميران شاهه قبرستان سوڌو ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي وياسنڌو جي بچاءُ بندن تي دٻاءُ:

پٿورو کي ٽن ضلعن سان ڳنڍيندڙ روڊ پاڻي هيٺ اچڻ سبب ٽرئفڪ بند، ملڪاڻي شريف ڀرسان جرڪس شاخ کي لڳل گهاري به ڪيترائي ڳوٺ ۽ پاڙا ٻوڙي ڇڏيا، سوين متاثر خاندان لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا آھن

ھي به پڙھندا

ميهڙ ۾ ٻيڙي اونڌي: 10 متاثرن کي بچايو ويو

سنڌ ۾ سِم نالن، شاخن ۽ واهن کي گهارن جون تباهڪاريون