وزيراعظم شهباز شريف پاران بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

0
421
وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پاران بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو، وزيراعظم جعفرآباد پهچي ٻوڏ جي تباهڪارين بابت بريفنگ ورتي آھي

وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي 10 لک ٻوڏ متاثرن کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو آهي، پاڪ فوج جو سنڌ سميت ملڪ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري آھي

PM Shehbaz expresses sorrow as rains kill over 149 in Balochistan

ٻوڏ ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي هيليڪاپٽرز ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو، پاڪ فوج پاران هيليڪاپٽرز ذريعي متاثرين ۾ کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان پهچائڻ جو سلسلو به جاري آھي

ٻئي پاسي نيشنل هاءِ وي ۽ موٽروي پوليس ٻوڏ جي وهڪرن سبب 4 وڏين شاهراهن کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو، خطرناڪ قرار ڏنل شاهراهن ۾ موٽروي ايم ون پشاور-اسلام آباد ۽ ايم 16 سوات ايڪسپريس وي شامل آھي

هزاره ايڪسپريس وي ۽ مري ايڪسپريس وي تي به سفر نه ڪرڻ جي هدايت، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته انتهائي مجبوري ۾ سفر ڪرڻ کان اڳ موسم ۽ صورتحال بابت انتظاميا ۽ موٽر وي پوليس سان رابطو ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ سِم نالن، شاخن ۽ واهن کي گهارن جون تباهڪاريون

ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ 7 ڪلوميٽرز تائين رنگ بند ڏيڻ جو فيصلو

جوھي ايم اين وي ڊرين سوڌو مختلف شھرن ۾ سم نالن ۽ شاخن کي گھارا، علائقي واسين ۾ خوف