آفتن جا ڏينهن ، انتظامي نااهلي ۽ انساني الميا

0
256
جمن-دربدر-،اميد-پرست-عاشق-جو-وڇوڙو

 پوري هڪ هفتي جي شديد برساتن کان پوءِ جيئن ئي لاڙڪاڻي جي وي آئي پي روڊ طرف نڪري پيس ته هر طرف پاڻي ئي پاڻي بيٺل هو. اهو لاڙڪاڻي جو اهو نام نهاد وي آئي پي روڊ آهي جيڪو انتظاميا عام ڏينهن ۾ صاف سٿرو رکي لائيٽون ٻاري گل ٻوٽا رکي شهر ۾ ايندڙ هر وي آئي پي کي اکين جو دوکو ڏيندا آهن ته ڏسو لاڙڪاڻو ڪيترو نه صاف سٿرو آهي. پر برساتن انتظاميا جي ڪرايل ان سموري مصنوعي ميڪ اپ کي ڌوئي لاٿو ۽ گوڏي جيڏي پاڻي مان گاڏيون ڪراس ڪري رهيون هيون. ايس پي چوڪ تي پاڻي جو وڏو تلاءُ بيٺل هو جيڪو ڪيترائي ڏينهن بيٺل رهيو.ان ئي روڊ تي جج صاحبان جي عدالتن کان ويندي ڊي سي ايس پي سميت ضلعي انتظاميا جي مک ڪامورن جا دفتر ۽ هائوسز آهن پر هر طرف پاڻي ئي پاڻي هو. ان کان ٿورو اڳتي هلندي ان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو بنگلو المرتضي هائوس نظر آيو جنهن جي مک گيٽن اڳيان روڊ تي پاڻي ايئن بيٺل هو جيئن رائيس ڪئنال يا دادو ڪئنال ۾ پاڻي بيٺل هجي. مونکي اهو ڏسي افسوس ٿيو ته جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نالي تي حڪمران جماعت ووٽ وٺي رهي آهي ان جي اباڻي گهر اڳيان بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي ڪا ڪوشش ڪرڻ بدران انتظاميا اهو رستو ئي بئنچون رکي بند ڪرائي ڇڏيو هو ته هن طرف متان ڪا سواري وڃي ٻڏي نه وڃي. اها صرف لاڙڪاڻي جي ڪهاڻي ناهي پر هينئر سموري سنڌ جي ڪهاڻي اهائي آهي ته ڳوٺن شهرن وستين واهڻن کي برساتي پاڻي گهيري ورتو آهي. تاريخ جي بدترين برسات جو پاڻي هن وقت به سنڌ جي مختلف شهرن ڳوٺن جي اسي سيڪڙو گهرن اندر بيٺل آهي. ڳوٺن جا رستا ٻڏي ويا آهن رابطي جا روڊ ٽٽي پيا آهن. لکين ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن. انهن کي ڀرپاسي جي شهرن ۾ جتي به ڪا سڪل پٽي يا مٿانهين جڳهه ملي آهي انهن پنهنجا ننگ ۽ پنهنجو ضروري سامان آڻي رکيو آهي. پر ان سموري آفت مهل انتظاميا يا ته غائب هئي يا وري ايتري نااهل ثابت ٿي آهي جو انهن کي ماڻهن جي لڏپلاڻ کان ويندي انهن کي ڪئمپن ۾ ترسائڻ يا وري انهن جي شهرن ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪندي نه ڏٺو ويو.جيڪو ڪجهه ٿورو گهڻو ڪم ٿيو سو ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيو.انهن برساتن دوران ئي بلوچستان کان ايندڙ پاڻي ۽ سنڌ جي جابلو پٽيءَ مان وهي ايندڙ نئين جو پاڻي ايترو ته گهڻي تعداد ۾ ٿي ويو جو ڪاڇي واري پاسي کان جيڪو ٻوڏ کان بچاءَ وارو بند يعني فلڊ پروٽيڪشن ايف پي بند آهي ان کي قمبر کان مٿان ۽ فريد آباد لڳ روڻيون پوڻ شروع ٿيون. اهو پاڻي ايترو ته طاقت سان ۽ تيزي سان وهندو آيو جو ڪاڇي جي پٽن کي لتاڙيندو سڌو اچي انڊس هائي وي تي پهتو پر اتي به دنگ نه ڪيائين انڊس هائي وي کي نصيرآباد ۽ ميهڙ وٽان اوورٽاپ ڪندي پاڻي وهندو رهيو پر ڪٿي به آبپاشي جو عملو نظر نه آيو.هر هنڌ مقامي ماڻهو پاڻي بيهي بند ٻڌڻ کان ويندي انهن بندن جي چوڪي ڏيندي نظر آيا.سنڌ هن وقت آفتن جي ڏينهن ۾ آهي پر ان جا لاڳاپيل ادارا عوام کي نظر ئي نٿا اچن. آفتن کي منهن ڏيڻ جو صوبائي ادارو يعني پي ڊي ايم اي پراونشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ڪهڙي بلا جو نالو آهي برساتي پاڻي ۾ لڙهندڙ ماڻهن کي ڪا خبر ئي ناهي. ان اداري جو ڪم صرف موسمياتي کاتي وانگر اها آگاهي ڏيڻ ته ناهي ته بابا سڀاڻي رات برسات پوندي هوشياري وٺجو.يا وري ضلعي انتظاميا کان انگ اکر گڏ ڪري اهو چوڻ ته هيترا ماڻهو مري ويا هيترا بي گهر ٿيا ۽ اسان هيتري بجيٽ کپائي. مڃون ٿا ته انهن انگن اکرن جي به اهميت ضروري آهي پر آفتن کي منهن ڏيڻ ان اداري جي اوليت هجڻ گهرجي.سمورا وسيلا ڪتب آڻي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي لڏپلاڻ ۾ مدد فراهم ڪري ڪنهن سئولي جڳهه تائين پهچائڻ به ان اداري جو ڪم هجڻ گهرجي. پر هتي حالت اها آهي ته جيڪب آباد جي مختلف ڳوٺن کان ماڻهو ٽريڪٽر ٽراليون ڀري اچي سکر روهڙي بائي پاس تي لهن ٿا پر انهن کي ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ ڪو پڇڻ وارو ناهي ته بابا توهان کي ڪنهن شيءَ جي ڪا ضرورت ته ناهي. ايئن ئي صحت کاتي طرف اچجي ته صحت کاتي ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ يا ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪرڻ بدران اهي پنهنجي ادارن اسپتالن کي برساتي پاڻي کان بچائڻ ۾ پورا آهن. اسپتالن جي وارڊن کان ويندي ميڊيڪل ڪاليجن تائين پاڻي اندر ڪاهي پيو آهي پر ضلعي انتظاميا انهن سان ڪنهن به رابطي ۾ ناهي. ان سموري صورتحال ۾ هڪ سٺي ڳالهه اها به ٿي ته وزيراعليٰ مراد علي شاهه پاڻ سنڌ جي دوري تي نڪري پيو ۽ پنهنجي اکين سان پاڻ حالتون ڏسڻ کي ترجيح ڏنائين پر اصل ڳالهه آهي آفت مان پيدا ٿيل انساني المين کي منهن ڏيڻ جو جيڪو اڃان تائين ڪٿي به ڪنهن به سطح تي نظر نه پيو اچي.

سنڌ حڪومت هن وقت تائين ٽن چئن ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر بدلي ڪرڻ کانسواءِ انتظامي سطح تي ڪو به اهڙو ڪم نه ڪري سگهي آهي جيڪو کيس ايئن سڀني کان مٿانهون ڪري بيهاري جيئن سنڌ حڪومت ڪورونا وارن ڏينهن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي سبب ٻين صوبن کي پوئتي ڇڏيو هو. سنڌ مٿان آيل هن آفت سبب ڪروڙن جي آبادي بي گهر ٿي آهي لکين ماڻهن جون جايون جڳهون ٽٽي پيون آهن ته اهڙي صورتحال ۾ تنقيد به سنڌ حڪومت مٿان ئي ٿيندي.سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مٿان تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار جا سمورا ترجمان خاموش ٿي ويا آهن جنهن ڪري دبئي مان آصف زرداري جي نياڻي ٽوئيٽر تي وضاحت ڪئي ته هي قدرتي آفت آهي انکي حڪومت جي خراب ڪارڪردگي سان نه ڳنڍيو.حڪمران جماعت جي اڳواڻن کي ان کان وڌيڪ ڪا وضاحت نٿي ملي ته بابا قدرتي آفت آهي انسان جي گناهن جي سزا آهي تنهن ڪري دعا ڪريو مالڪ کي ٻاڏايو ته اها آفت ٽري. پر ماڻهو آهن جو سندن ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهن .اهو حڪمرانن ۽ مذهبي اڳواڻن جو صديون پراڻو بهانو جوڙيل آهي .اڳي ڪن زمانن ۾ بادشاهن ۽ راڻين جي بادشاهت بچائڻ خاطر انهن جي مذهبي اڳواڻن ملي ڀڳت ڪري اها ڳالهه اهڙي طرح بيان ڪئي هئي جيئن ماڻهو يقين ڪري وٺن ۽ بادشاهن يا راڻين کان سوال ڪرڻ بدران پنهنجا پنهنجا گناهه ڳولڻ ۽ گناهه بخشرائڻ جي چڪرن ۾ پئجي وڃن. پر حڪمرانن جو اهو صديون پراڻو آزمايل نسخو سڌريل دنيا ۾ ته ڪيترو ئي وقت اڳ اتان جي سجاڳ ۽ باشعور ماڻهن اجتماعي ٻڌي ڪري  ناڪاره ثابت ڪيو هو. پر هاڻ هي جيڪا ٻوڏ آيل آهي برساتي ٻوڏ اها شايد سنڌ مان به اهڙين مدي خارج نظرين کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.جنهن ڪري ماڻهو پاڻمرادو نڪري پيا آهن. آفتن کان ويندي بدانتظامي تائين ماڻهو ايترا بيزا ٿي پيا آهن جو نئون ديرو جا ماڻهو بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ جو رات جي وڳڙي ۾ به رستو روڪي پڇن ٿا اسان بي گهر ڇو آهيون ايئن ئي بچل شاهه مياڻي جا نوجوان نڪري ڏهاڪن تائين سکر جي سياست تي راڄ ڪندڙ خورشيد شاهه جي پٽ کان پڇن ٿا ته هي مشينون ڇو نٿيون هلن.؟اسان جي گهرن مان پاڻي ڇو نٿو نيڪال ٿئي.ايئن ئي ماڻهو ڄام خان شوري کان پڇاڻو ڪن ٿا ته هي گهارا ڪيئن پيا ايل بي او ڊي آر بي او ڊي جا پئسا ڪنهن کاڌا.؟ جنهن مان لڳي ٿو ته ماڻهن کي  حاڪمن ۽ مذهبي اڳواڻن جي ملي ڀڳت سان جوڙيل اها رام ڪهاڻي سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته قدرتي آفتون دنيا جي هر خطي ۾ اينديون آهن پر انهن کي غريب عوام جي گناهن جي سزا ڪري پيش ڪرڻ بدران بهتر انتظامي طريقي سان منهن ڏئي عام ماڻهن لئه آسانيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون. انهن آفتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل انساني المين کي بهتر انتظام ڪاري سان ڪو مثبت موڙ ڏئي بهتر مثال قائم ڪري سگهجي ٿو. شل سنڌ حڪومت کي اها ڳالهه وقت سر سمجهه ۾ اچي وڃي.