ميهڙ  (ن پ ا) ميھڙ جي سينئر سول جج/اسسٽنٽ سيشن جج سيد مھدي رضا شاھ جي عدالت ميھڙ جي اڳوڻي اوٿ ڪمشنر بخشل خان کوکر ۽ سندس پٽ سجاد کوکر خلاف اوٿ ڪمشنر جي ڊگري پيش نه ڪرڻ سبب سندن گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن. ميھڙ جي شھري حاجي جلال چانڊيو عدالت ۾ ھڪ ايگريمينٽ پيش ڪندي درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ھو ته بخشل خان کوکر 50 سال کان پاڻ کي اوٿ ڪمشنر ظاھر ڪري دستاويز تصديق ڪري رھيو آھي عدالت سندس لائيسنس چيڪ ڪري جنھن بعد عدالت بخشل خان کوکر کي نوٽيس جاري لائيسنس پيش ڪرڻ واري حڪم بعد سندس پٽ سجاد کوکر پنھنجي والد پاران پيش ٿي عدالت کي لائيسنس پيش ڪرڻ لاء مھلت جي درخواست ڏيندي چيو ته منھنجو والد بيمار آھي وقت ڏيو ته لائيسنس پيش ڪنداسين جڏھن ته عدالت پاران بار بار نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود لائيسنس پيش ڪري نه سگھيو جنھن تي عدالت بخشل کوکر ۽ سندس پٽ سجاد کوکر خلاف ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن.