حيات پتافي (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو مکپڻ جي اليڪشن ڪرائي وڃي، هندو برادري جو قافلو 34 سال بعد اليڪشن ڪرائڻ لاءِ نڪري پيو آهي، قافلو شداڻي درٻار حيات پتافي ڀائي جئرام داس وٽ پهچي حاضري ڀري، ڪامريڊ ڪڪو رام، وڪرم بجاج، منوجو وڻجهارا پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته ميرپو ماٿيلو جي اليڪشن 34 سال کان ناهي ٿي، جڏهن به مکي چونڊيا آهن ته سليڪشن ٿي آهي، جيڪي به مکي آهن نند لال سميت سڀئي اقليت برادري جا مسئلا حل نه ٿا ڪن، جيڪي به مکي آهي اليڪشن ڪرائن ۽ پوءِ آئيني طريقي سان چونڊجي اچن، جيڪي مکي چونڊيل آهن انهن جا 72 ماڻهو به اسان سان گڏ آهن ۽ اسان اليڪشن ۾مقابلو ڪري ينگ اڳواڻ اڳتي آڻينداسين، جيڪي اقليتي برادري جا هڏ ڏوکي ٿين، سڄي ميرپور جي اقليت برادري اليڪشن چاهي ٿي اسان اهو چاهيون ٿا جلد کان جلد اليڪشن ڪرائي وڃي