لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ سپريٽينڊنٽ لياقت پيرزادو جي معطلي ۽ چارج ڊپٽي حوالي ڪرڻ خلاف جيل جي قيدين بيرڪن جي ڇتين تي چڙهي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ بسترن کي باهيون ڏئي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي قيدين ضمير ابڙو، قادر اهير، بشو شابراڻي، قربان ابڙو، ضمير ابڙو، محمد علي کوکر، محمد علي چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڊپٽي جيل سپريٽنڊنٽ نظر محمد گاد چارج وٺندي ئي قيدين جو کاڌو پيتو بند ڪري بيرڪن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي، هنن الزام لڳايو ته قيدين کان رشوت گهري پئي وڇي ۽ انڪار ڪرن تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته لياقت پيرزادو کي بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.