ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ٻھارا شھر جي مين بس اسٽاپ تي معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 17 ڄڻا زخمي، ان ڏس ۾  معمولي ڳالهه تان ملاح   ۽ جوکيا برادريَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ محمد حسين ڄاموٽ خان حسن پرويز گل شير رمضان ۽ ٻيا شامل آهن،   پوليس موجب جھيڙو معمولي ڳالهه تان ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.