دادو (رپورٽر ) دادو جي ڪي جي گرلس هاءِ اسڪول جي سينٽرل هال ۾ اسڪولن لاءِ مليل قيمتي سامان کي باھ لڳي وئي، جنهن سبب لکين رپين جي ماليت جون چٽايون ، ٽينٽ ، بليڪ بورڊ ، واٽر ڪولر ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو ، باھ سينٽرل هال کي وڪوڙي وئي، جنهن سبب هال جا پکا سڙي ويا ، لڳل باھ جا شعولا روشندانن ۽ درين مان اٿي رهيا هئا، اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي ٻن ڪلاڪن بعد باھ تي ضابطو آندو ،  سڙي رک ٿيل لکين رپين جي ماليت جو سامان يونيسيف پاران دادو جي ٻوڏ متاثر اسڪولن تائين پهچائڻ لاءِ آر ايس يو حوالي ڪيو هو، جيڪو سامان وري آر ايس يو ، ڪي جي اسڪول جي سينٽرل هال ۾ رکيو هو ، پر اهو سامان 5 مهينن کان ڪنهن به اسڪول ۾ نه پهچايو ويو .