جھول (ن پ ا) پنجاب ۾ جهول واسي ٽرڪ ڊرائيور روڊ حادثي ۾ فوت، خبر موجب گذريل رات پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ۾ ٽرڪ ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ جهول واسي ٽرڪ ڊرائيور رمضان چنڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، فوتي کي 5 معصوم ٻارڙن جو اولاد آهي، حادثي بابت فوتي جي وارثن ٻڌايو ته هو ٽرڪ ھلائيندو ھو، جيڪا خراب ٿيڻ دوران ھو ٽرڪ کي ٽوچن ڪرائي رھيو ته پويان کان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر کيس ٽڪر ھنيو، جنھن ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.