ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص جي عدالت ڌيءُ سان زيادتي ڪوشش الزام ۾ جوابدار کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ھڪ ھفتو اڳ جھڏي شھر ۾ جوابدار اصغر جٽ پاران پنهنجي 14 سالن جي ڌيءُ مسڪان سان رات جي وقت سندس گھر ۾ مبينا جنسي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن بعد سنڌ ڪميشن اسٽيٽس فار وومين پروٽيڪشن جي ميمبر وڪيل نصرت مياڻو پاران ڪيس ۾ مدد ڪئي ۽ نينگري جي مامي ماجد علي جي فرياد تي نينگري جي والد خلاف ميرپورخاص جي وومين ٿاڻي تي زيادتي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ھو، جنھن کي وومين پوليس انچارچ فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت کيس 14 ڏينھن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ٻئي پاسي متاثر نينگري کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي لاڳاپيل مئجسٽريٽ جج موڪل تي ھئڻ ڪري سندن 164 وارو بيان رڪارڊ نه ٿي سگھيو.