نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز جي وڪيل منصور عباسي تي حملو ڪندڙ 8 جوابدارن کي عدالت ضمانت رد ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو. فرسٽ ايڊيشنل سيشن ۽ ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪئي ۽ ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدارن کي ھٿڪڙيون ھڻي جيل موڪليو ويو. جوابدارن ۾ عبدالصمد، محمد اسلم، وقار، عبدالستار ڪلھوڙو، محمد جمن، فضل، غلام مصطفيٰ ۽ انور چنه شامل آھن. ڄاڻايل جوابدارن 30 مئي تي وڪيل منصور علي عباسي تي حملو ڪيو ھو.