لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج ڊرامو روپلو پيش، عباس گل اوڍاڻي، ايس ڀٽي، رمشا شهزادي ۽ ٻين جي ڀرپور اداڪاري

0
403

لاڙڪاڻو (رپورٽ :شاهه محمد لاشاري ) لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج ڊرامو روپلو پيش، عباس گل اوڍاڻي، ايس ڀٽي، رمشا شهزادي ۽ ٻين ڀرپور اداڪاري سان ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون.تفصيل موجب موهن جي دڙي جي کوٽائي کي هڪ صدي مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ٻئي ڏينهن به جشن جاري، ثقافت کاتي پاران پروگرم رچايا ويا، اسٽيج ڊرامن جي سلسلي ۾ نامياري ڊراما ليکڪ ممتاز جويي جو، سنڌ جي جوڌي روپلي ڪولھي جو انگريز سامراج سان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪيل مزاحمت جي پس منظر ۾ لکيل تاريخي اسٽيج ڊرامو (روپلو) پيش ڪيو ويو.ڊرامي جي ڊائريڪشن نامياري اداڪار ۽ ڊائريڪٽر سليم شاھ راشدي ڏني جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مشتاق تنيو ۽ واصف علي شاھ هو،تاريخي ڊرامي جو گيٽ اپ ۽ ميڪ اپ نامياري ميڪ اپ آرٽسٽ اي بي اوٺي ڪيو. ڊرامي ۾ سنڌ جي ناليوارن اداڪارن عباس گل اوڍاڻي، ذوالفقار بڙدي، ايس ڀٽي، رمشا شهزادي، مير ميمڻ، نظام چانڊيي، عبدالستار ابڙي، انور مغيري، بھرام جاني، ڪوڙل ڪاليا، رضا سولنگي، واصف علي شاھ راشدي ۽ ناياب علي شاھ راشديءَ شاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاري ٿيٽر ۾ ويٺلن کان خوب داد ماڻيو.جڏهن ته ڊرامي مان لطف اندوز ٿيندڙ سوقينن خوشي جو اظهار ڪندي چيو انگريزي سامراج سان سنڌ جي ڪيل آزادي لاءِ ڪيل مزاحمت جي پس منظر ڊرامو روپلو ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهر ڏيکاريندڙ فنڪارن جي زبردست انداز ۾ انٽري ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جنهن کي تمام گهڻو چاهه سان ڏٺوسين سنڌ جا جوڌا چاهيندڙ اڄ به ائين سنڌي جي ڌرتي کي چاهيون ٿا اسان ثقافت کاتي کان گهر ٿا ڪيون ته فنڪارن جي واهر ڪري وڌ کان وڌ انهن جي حوصلا افزائي ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا پروگرام آرٽ ڪائونسل سميت ننڍين وسندين ۾ پيش ڪيا وڃن ته جيئن رهواسين کي شعور پيدا ٿئي سگهي.