ملڪ ۾ ڪورونا کان وڌيڪ 58 ماڻهو فوت، 1490 نوان ڪيس ظاهر

0
181
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا کان وڌيڪ 58 ماڻهو فوت ٿي ويا، 1490 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته ڪيسز ۾ لاڳيتو ڪمي اچي رهي آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 49285 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1490 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ 58 ماڻهو وائرس وگهي فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسز جي شرح 3.02 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا کان هيل تائين مجموعي طور تي 21 هزار 323 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪل ڪيسز جو تعداد 9 لک 33 هزار 630 ٿي ويو جڏهن ته هن وقت تائين 8 لک 64 هزار 931 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.