ڇاڇرو ويجهو جيپ کي حادثو، 9 مسافر زخمي

0
142
مورو ويجھو روڊ

ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ويجهو جيپ کي حادثو، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ڪيتار ڏانهن ويندڙ مسافر لانگ چيچس جيپ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڇاڇرو تعلقه اسپتال اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏني پئي وڃي، ڊرائيور جو چوڻ آهي ته مسافر جيپ ٿر جي ڳوٺ ڪيتار کان ڇاڇرو وڃي رهئي ھئي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب حادثو پيش آيو.