ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 150 ماڻهو فوت، 5 هزار 480 نوان ڪيس ظاهر

0
396
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 150 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 هزار 480 نوان ڪيسز به رپورٽ ٿيا آهن، ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 9.61 سيڪڙو آهي، سرڪاري انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3699 مريض صحتياب به ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 7 لک تائين پهچي ويو، سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 281385 ٿي ويو ۽ 4629 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو تعداد 298818 آهي ۽ 8327 ماڻهو وائرس جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان مريضن جو ڪل انگ 22118 آهي ۽ 233 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن،ڪي پي ڪورونا مريضن جو تعداد 116523 آهي ۽ 3238 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي انگ 74640 ۽ 677 مريض فوت ٿي ويا آهن.