ڪراچي: اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري

0
289

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي شروع ٿيو جيڪو بنا وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو، پولنگ اسٽيشز جي ٻاهر سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پولنگ جي ڪري تڪ ۾ اڄ عام موڪل آهي، تڪ تي پي ٽي آءِ، ن ليگ، پ پ ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جا اميدوار ميدان تي لٿل آهن، پي ٽي آءِ جو امجد اقبال، ن ليگ جومفتاح اسماعيل، پ پ جو قادر مندوخيل ۽ پاڪ سرزمين جي مصطفيٰ ڪمال وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، هن کان علاوه ايم ڪيو ايم پاڪستان جو حافظ محمد مرسلين به ميدان تي لٿل آهي، ڪراچي جَي اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ ووٽرز پرجوش، ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنز تي عورتون ۽ بزرگ صبح سان پولنگ اسٽيشنز پهچي ويا، خصوصي ماڻهو به ووٽ ڪاسٽ ڪيو، عباس پولنگ اسٽيشن تي پولنگ ايجنٽ دير سان پهتا، مختلف پولنگ اسٽيشن تان ڪجهه ووٽرز کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ماسڪ پاتل نه هجڻ سبب واپس موٽايو ويو. واضح رهي ته اين اي 249 جي سيٽ فيصل واوڊا جي سينيٽر بڻجڻ جي ڪري خالي ٿي هئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو..